دائو جهانپور ۾پوليس چڙهائي، 20 گهرن کي باهه، متاثرن جو ڌرڻو

دائوجهانپور (رپورٽ : گل محمد لاشاري ) دائوجهانپور ويجهو پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير حسن ڪٽوهر ڪالو ڪٽوهر ليمون ڪٽوهر ميرگل ڪٽوهر تي لاڙڪاڻي ضلع جي پوليس جي اي پي سي چين ۽  بڪتربند گاڏين سان 30 کان وڌيڪ موبائلون ساڻ ڪري ڳوٺن تي چڙهائي ڪري ميرحسن ڪٽوهر بجار ڪٽوهر ميرگل ڪٽوهر اڪبر ڪٽوهر ڏاڙهون ڪٽوهر علي گل ڪٽوهر علي شير ڪٽوهر رمضان ڪٽوهر صفر ڪٽوهر سميت 20 کان وڌيڪ گهرن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو گهرن ۾ رکيل هنڌ بسترن سان گڏ پاڪ ڪتاب به شهيد ٿي ويا پوليس چڙهائي خلاف  ڳوٺاڻن مير حسن ڪٽوهر ۽ مسمات سوني ڪٽوهر احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس گهرن تي بيگناهه چڙهائي ڪري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي . ۽ اناج هنڌ بسترا کڻي وڃڻ کانپوء باهه سبب رکيل پاڪ ڪتاب به شهيد ٿي ويا آهن اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پنهون ڀٽي پوليس ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ لاڙڪاڻي ضلع جي وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ ڪٽوهر ۽ جلباڻي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ چار ڄڻان مارجي ويا هئا انهن جي ڪيس ۾ گهربل روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاء وارثڏنوماڇي پوليس جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي پر جوابدار اڳ ۾ ئي فرار ٿي ويا آهن گهرن کي باهه اسان نه لاڙڪاڻه ضلع جو پوليس ڏنو آهي ٻئي طرف  متاثر اڪبر ڪٽوهر دانهيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ڪا وڏا ڏوهاري ناهيون اسان مٿان ذاتي دشمني جا ڪيس آهن پوليس اسان جي گهرن کي ساڙڻ سان گڏ منهجي اوطاق ۽ گهرن کي باهه ڏيئڻ سان گڏ اوطاق اڳيان رکيل اٺ جريب سپر سارين جي ول کي به باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين ڪيسن ۾ گهربل هڪ به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.