لکي غلام شاهه لڳ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو،8 لک ڏنڊ مقرر

لکي غلام شاھ(ن ع آ ) ڳوٺ ابراهيم  پنهوار ۾ پنهوار برادري جي ٻن ڌرين ابراهيم پنهوار ۽ مجيب پنهوار وچ ۾ ڪارنهن الزام تان   پيدا ٿيل تڪرار جو جرڳو شڪارپور ۾ جي يو آء اڳواڻ حافظ عبيد الله پنهوار جي سر پنچي ۾ ٿيو،جرڳي ۾ ناري آمنه زال مجيب پنهوار کي نوجوان اڪبر پنهوار سان ڪارو قرار ڏئي فتوه جاري ڪندي الزام هيٺ آيل نوجوان اڪبر پنهور تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مٿس 8 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آھي ڏنڊ واري رقم  مان 5 لک ڪارنهن جا 2 لک پوليس خرچ ۽ هڪ لک ناري جي مامي کي ڏنا ويندا جنهن  جي گهر ۾ ترسڻ دوران عورت مٿان ڪارنهن جو الزام لڳو ڏنڊ جي رقم مان هڪ لک موقعي تي ادا ڪيو ويو آھي.  باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ,اهڙي جرڳي بعد چڱن مڙسن ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو،جڏهن ته جرڳي ۾ پوليس جو خرچ رکڻ بعد حد جي پوليس خاموش تماشامي بڻيل رهي ٻئي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ آيل ناري جي زندگي کي پڻ خطرو آهي جنهن کي ڪنهن به وقت قتل ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.