قومي صحت پروگرام، صحتمند معاشري جي ضمانت

اظهر علي

انساني معاشري جي قديم تاريخي تسلسل رکندڙ چوڻي آهي ته صحت هزار نعمت آهي، يعني هڪ فرد يا قوم جي صحتمند زندگي جي نعمت سان هزارين ٻيون خوبصورت نعمتون جڙيل آهن. جيڪڏهن قوم بيمار هوندي ته اُتي معاشرو به پسماندگيءَ جي ور چڙهيل هوندو پر جيڪڏهن قوم صحتمند هوندي ته يقينن اهو معاشرو به صحتمند ۽ توانو هوندو. اهڙا ئي معاشرا ترقيءَ جي تاريخ رقم ڪندا آهن ۽ قومون مثالي خوشحاليءَ جي تاريخ تي مهر هڻنديون آهن، ان تاريخي تسلسل رکندڙ چوڻيءَ جي پيش نظر موجوده حڪومت غريب عوام کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم قدم کڻندي قومي صحت سهولت پروگرام شروع ڪيو آهي.

سماجي صحت جي تحفظ تحت هي پروگرام عالمگير صحت جو هڪ فليگ شپ پروگرام آهي، جيڪو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي سهولت فراهم ڪندو. هن پروگرام تحت داخل ٿيل مريض جي سار سنڀال ۽ علاج جي سهولت شامل آهي. تنهن هوندي به مستقبل ۾هن پروگرام جي دائري کي آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. لاڳاپيل پروگرام تحت مستحقن جي چونڊ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي پڪ نادرا پاران ڪئي ويندي آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت سان لاڳاپيل ڊيٽا بيس کي شامل ڪيو ويندو.

جيئن ته هن پروگرام جي 2016ع کان 2018ع دوران پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي وئي. جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن، هن پروگرام تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين لاءِ 50 هزار، جڏهن ته 250 هزار رپيا هر ان خاندان کي ڏنا وڃن ٿا، جن ۾ستن ترجيحي بيمارين مان ڪنهن به هڪ جي نشاندهي هوندي. پهرين مرحلي ۾هي پروگرام ملڪ جي 38 ضلعن ۾شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي رسائي ڏني وئي. جڏهن ته 2019ع ۾پروگرام جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي وئي. هن پروگرام تحت اهڙين بيمارين جن تي گهٽ خرچ آهي، اُتي في خاندان 60 هزار جڏهن ته اهڙيون بيماريون جن تي خرچ وڌيڪ آهي ان تي في خاندان 3 لک رپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 22 لک خاندانن تائين وڌايو ويو.

هي پروگرام آزاد ڄمون ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر، خيبر پختونخواهه جي پوئتي پيل ضلعن جي ضرورتمند خاندانن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. قومي صحت ڪارڊ جي پروگرام ۾ مريضن جي آپريشن دل جي مريضن کي سٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جو علاج، نيورو سرجيڪل پروسيچر، سڙيل مريضن جو علاج ۽ حادثن ۾زخمي ٿيندڙ فرد، گڙدي جي مريضن جي لاءِ ڊائلاسز انتهائي سار سنڀال جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امداد فراهم ڪئي ويندي. جڏهن ته عورتن جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سهولت دوران وفاقي حڪومت انهن منصوبن کي اڳتي آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن پروگرام کي آزاد ڄمون ڪشمير جي ٻارنهن لک خاندانن تائين وڌايو پيو وڃي. وزير اعظم جي خاص نظريي تحت عالمگير هيلٿ ڪوريج وزارت نيشنل هيلٿ سروسز صوبن ۽ علائقن جي گڏيل حڪمت عمليءَ سان صحت جي سهولتن کي مهيا ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي.

مٿيون سموريون صحت بابت اعلانيل ۽ عمل هيٺ ايندڙ پاليسيون ۽ منصوبا يقينن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ عوام لاءِ فائدي مند ثابت ٿي سگهن ٿا پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان سموري پروگرام جي پراجيڪٽ تي گهڻ پاسائين شفاف انداز ۾محنت ۽ نيڪ نيتيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اُن کي ثابت قدميءَ سان عملي جامو پارايو وڃي ٿو ته اهو هڪڙو انتهائي ۽ موجوده حڪومت جو واقعي انقلابي قدم ثابت ٿيندو.

جڏهن ته موجوده حڪومت جو چوڻ آهي ته مريضن جي اطمينان مان ظاهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمينان بخش شرح سامهون آئي آهي. موجوده حڪومت پنهنجي پروگرام کي قبائلي علائقن تائين وڌائيندي نادرا مان رجسٽرڊ ماڻهو لاءِ پڻ سهولت مهيا ڪندي. پروگرام جي اهميت موجب حڪومت پنهنجي منشور تحت شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ ۾صحت سهولت پروگرام تحت انصاف ڪارڊ پروگرام کي هٿي ڏيندي. هن پروگرام تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز لاءِ مفت هيلٿ انشورنس پڻ فراهم ڪري آهي ۽ مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ڏانهن موڪلڻ لاءِ پڻ ٽرانسپورٽ جو به انتظام ڪيو ويندو ته يقينن ان جو فائدو غريب ۽ هيٺين طبقي کي پهچندو. اميد آهي ته ان کي حتمي شڪل ڏئي عملي جامو پارائي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.