جيڪو کٽي ان سان گڏ هجڻ جي روايت برقرار

نصرت جاويد

روايتي ميڊيا جي اسڪرينن تي گلگت بلتستان ۾ٿيل چونڊن جي نتيجن جيتوڻيڪ رونق لڳائي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف ۽ ان جا ساٿي هيل تائين جي ٻڌايل نتيجن موجب تمام گھڻا خوش آهن. سينو تاڻي زور ڀري رهيا آهن ته گلگت بلتستان جي عوام پي ڊي ايم ۾شامل پارٽين جي وطن دشمن نظريي کي پنهنجي ووٽ ذريعي لوڙهي ڇڏيو آهي. اها دعويٰ ڪندي ان حقيقت کي نرڄائي سان نظرانداز ڪيو پيو وڃي ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾جڏهن به چونڊون ٿيون، ووٽ ڏيندڙن جي اڪثريت عام موقعي پرستي نه پر موقعي شناسي کي استعمال ۾آڻيندي هميشه ان پارٽي جي حمايت ۾ووٽ ڏيڻ کي ترجيح ڏني جيڪا اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت چورائيندي آهي.

ڄاڻايل روايت ٿيل چونڊن ۾پنهنجي قوت وڃائيندي نظر آئي، تحريڪ انصاف هي ڪالم لکڻ تائين صرف  اڪثريتي پارٽي  جي صورت ۾اڀرندي نظر آئي. ٻئي نمبر تي ڪا ٻي سياسي پارٽي نه پر آزاد اميدوار پنهنجي اهميت اجاڳر ڪري رهيا هئا. سالن کان قائم ٿيل اهو مفروضو به ان ڪري درياهه ۾ لڙهي ويو ته وفاقي حڪومت هلائيندڙ سياسي پارٽي ئي گلگت بلتستان جي چونڊ سولائي سان کٽي وڃي ٿي.

ڪيترين ئي چونڊن جي ويجھي مشاهدي جي ڪري جيتوڻيڪ اهو نتيجو ڪڍي چڪو آهيان ته عام چونڊون دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ٿين پر هميشه نئين سرگرمي ۽ حقيقتون اجاڳر ڪنديون آهن، ان ڪري روايتن جي بنياد تي مفروضن کي استعمال ۾آڻيندي چونڊ نتيجن جي باري ۾عقلِ ڪُل بڻيل تجزئي نگارن جيان اڳڪٿين کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

عام راءِ جي سروي کي باقاعدي علم جي صورت ۾آمريڪا سڄي دنيا ۾مثال طور متعارف ڪرايو هو. 2016ع ۾ٿيل آمريڪي صدارتي چونڊن جي حوالي سان اهڙي سروي شرمسار حد تائين غلط ثابت ٿي هئي. 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾به بائيڊن جي ڪاميابي جو اعلان ڪندڙ سروي اندازو ئي نه لڳائي سگھيون ته بائيڊن جي ڪاميابي ري پبلڪن پارٽي جو صفايو نه ڪندي. ٽرمپ کي 2016 جي ڀيٽ ۾ 2020 ۾ڪافي وڏي انگ ۾پاپولر ووٽ ملندا. سينيٽ ۾ان جي پارٽي پنهنجي قوت برقرار رکندي. اتي جي هيٺين ايوان ۾به وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري سگھندي. چونڊن جي اڳڪٿي ڪندڙ سروي تازو ئي ڀارت جي ٽيئن وڏي صوبي بهار جي پڪين حقيقتن کي ڏسڻ جي سگھه کان به ٺپ محروم محسوس ٿيا پر تجزئي نگارن  کي پنهنجي عقل  تي وڏو ناز هوندو آهي. مفروضا گھڙي وٺندا آهن ۽ احمقاڻي خود اعتمادي سان ان کي ورجائيندا ويندا آهن.

گلگت بلتستان جي چونڊ عمل جو جائزو وٺندي به اهڙو ئي هڪ مفروضو شد ۽ مد سان پکيڙيو ويو. خبر  اسان کي اها ڏني وئي ته نواز شريف جي غدار  نظريي تي سوال اُٿارڻ جي ڪري پيپلزپارٽي جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقتدار ڌڻين جي  نئين لاڏلي جي صورت ۾اُڀري رهيو آهي. ان بنياد تي جيڪي  سروي  ٿي، انهن دعويٰ ڪئي ته گلگت بلتستان ۾تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾دوبدو مقابلو ٿيندو. پيپلزپارٽي ان جي ڪري اڪيلي اڪثريتي پارٽي  به ثابت ٿي سگھي ٿي، پر  آزاد  اميدوارن جي قوت ان مفروضي کي آخرڪار درياهه ۾لوڙهي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي نئون لاڏلو  بڻائيندي اها حقيقت وساري وئي هئي ته همراهه 2018ع کان لاڳيتو گلگت بلتستان جا دورا ڪري رهيو هو. قومي سطح جو هو اڪيلو اڳواڻ آهي جيڪو 15 نومبر جي چونڊن کان ڪيترائي هفتا اڳ گلگت بلتستان هليو ويو. اتان جي هر تڪ جي ڪيترن ئي علائقن جا هن اڪثر دورا ڪيا. ان جي محنت ۽ لڳاءُ جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي لاءِ گلگت بلتستان ۾ٿيل ڪا سوڀاري لهر برپا نه ڪري سگھي.

اها حقيقت اجاگر ٿي وئي ته ان جي پارٽي جو وجود ان خطي ۾هڪ سرگرم ۽ جاندار سياسي قوت جي صورت ۾تقريبن مضبوط ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف ۽ ان جا ساٿي ڀلي بنيادي طور تي خوشي ان ڪري محسوس ڪري رهيا آهن جو ظاهري طور حاضرين جي انگ جي لحاظ کان متاثر ڪندڙ جلسن کي خطاب باوجود نواز شريف جي نياڻي ۽ سياسي وارث چونڊ دنگل ۾پنهنجو اثر ڏيکارڻ ۾ناڪام رهي. مريم نواز شريف صاحبه جي ان ناڪامي کي نواز شريف جي وطن دشمن نظريي کي موٽ نه ملڻ ڄاڻايو پيو وڃي. سياسي حقيقتن کي وطن عزيز ۾جيڪڏهن ڪو شخص واقعي سنجيدگي سان بحث هيٺ آڻڻ چاهي ٿو ته گلگت بلتستان ۾آزاد  اميدوارن جي اهميت ان لاءِ پريشان ڪندڙ هجڻ گھرجي.  آزاد  اميدوارن جي حيران ڪندڙ انگ ۾ڪاميابي واضح طور تي اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته عام ماڻهن جي اڪثريت تحريڪ انصاف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي جي نظريي کي جذباتي انداز ۾اختيار نه پئي ڪري. مقامي طور بااثر سمجهيا ويندڙ ماڻهن مان ئي اميد ٻڌيو ويٺا آهن ته اهي مقامي مسئلن جي حل لاءِ  جيڪو به کٽي ان جي ڪئمپ ۾شامل ٿي ترقياتي منصوبن لاءِ رياستي رقمون حاصل ڪن.

برطانوي سامراج اسان جي خطي ۾دائمي بندوبست کانپوءِ اهڙو ئي نظام متعارف ڪرايو هو. نئين دهلي ۾موجود  وائسراءِ  جي سرپرستي ۾مقامي شريفن ۽ معززن جي هڪ کيپ تيار ٿي. اهي ماڻهو سرڪار  کي ”مائي باپ“ تسليم ڪندا ۽ پنهنجي علائقن ۾ترقياتي ڪمن  لاءِ ان جي شفقت جا طلبگار رهندا هئا. سياسي لحاظ کان جنهن کي ”بِگ پڪچر“ چيو ويندو آهي ان بابت ڪو سوال نه اٿاريندا هئا. اقبال رح ان رويي کي ”خُوءِ غلامي“  قرار ڏنو هو.

1946ع تائين متحده پنجاب ۾لاڳيتو اقتدار ۾رهندڙ يونينسٽ پارٽي ان رويي جي ڀرپور نمائنده هئي پر 14 آگسٽ 1947ع کان ڪجھه ئي مهينا اڳ ان پارٽي کي تازي خبر اها ملي ته خضر ساڍا ڀائي ٿي ويو آهي. نسلن کان  مائي باپ  جي وفادار رهندڙ  يونينسٽ ان کانپوءِ مسلم هي تو مسلم ليگ ۾آ  واري نعري تي لبيڪ چوڻ شروع ڪري ڇڏيو. ”جيهڙا جٿي اودهي نال“ واري اها عادت اسان جي وطن عزيز ۾اڄ تائين جاري آهي. گلگت بلتستان جي هاڻوڪين چونڊن آزاد اميدوارن ذريعي ان روايت کي  وڏي واڪي بحال ڪيو آهي. پاڪستان ۾ئي نه پر سڄي دنيا ۾ 2020 ۾ڪورونا جي ڪري جيڪي سوال اُٿاريا ويا آهن اهي جيتوڻيڪ ڄاڻايل ماڊل جي شڪست ۽ خواري کي يقيني بڻائڻ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. اهو  ماڊل  ڪارائتو ٿئي ها ته آچر جو سڄو ڏينهن منهنجو موبائل فون بند نه رهي ها. پاڪستان جي ٻين شهرن ۾آباد منهنجي هم وطنن کي چڱي ريت خبر هجي ها ته راولپنڊي کي اسلام آباد سان ملائيندڙ مري روڊ تي حقيقت ۾ڇا ٿي رهيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.