ڪورونا جي ٻي لهر ۽ سياسي گرمي !

شوڪت علي جلباڻي

جتي ملڪ ۾وبا جي ٻي لهر جو زور ٻڌو پيو وڃي اُتي سياسي ميدان  ۾حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي سياسي گرمي به ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ملڪ ۾جتي هڪ عجيب قسم جو بحران آهي جيڪو نه حڪمران سمجهي رهيا آهن ۽ نه ئي مخالف ڌر جا اڳواڻ پر مظلوم عوام اقتدار ڌڻين جي اقتداري ويڙهه جي ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري جي صورتن ۾ڀوڳي رهيو آهي. وفاقي خزاني وارو مشير هجي يا کڻي سڌ سماءَ وارو وزير، عوام کي بهتري بهتري جي بار بار نويد ته ميڊِيا تي ويهي ٻڌائين ٿا ۽ انهن موجب نه ملڪ ۾کنڊ جي قيمت 115 رپيا آهي نه وري ڪنهن قسم جي ڪڻڪ جي کوٽ آهي پر جڏهن ٽاڪ شوز ۾غير سرڪاري تجزيي نگار انگ اکر ٻڌائي سوال ڪري ٿو ته الزام سنڌ حڪومت ۽ ملڪ جي ڏيوالي جو ذميوار مخالف ڌر کي قرار ڏنو وڃي ٿو. حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي جو دفاع ڪرڻ لاءِ اڻ چونڊيل وزيرن ۽ مشيرن جي فوج ته ڀرتي ڪئي آهي، اهي مشير ۽ وزير قومي ٽي وي تي ويهي گندا دليل ڏيڻ ۾فخر محسوس ڪن ٿا پر  افسوس آهي ته ماضي جا خزانه وارا وزير ماضي ۾ٿيل تباهه ڪارين جو ٻڌائيندي سڀ بهتر آهي سڀ بهتر جو راڳ ڳائيندي موجوده حڪومتن کي ساراهڻ ۾ڪو به عار نه ٿا سمجهن.

وبا جي پهرين لهر جي دوران پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر جيڪي واڪا ۽ رڙيون ڪيون هيون تن کي ملڪ دشمن ۽ ملڪي معشيت کي تباهه ڪرڻ جي واري آواز کي، حڪومتي حلقن سازش قرار ڏنو  هو ۽ وفاقي حڪومت کي ڄڻ  معشيت جي تباهي جو ڪارڻ مليو. اتي وري مخالف ڌر ۽ خاص طور تي پيپلزپارٽي کي عوامي همدردي حاصل ڪرڻ جو هڪ موقعو ملي ويو هو ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ تمام گهڻي ڦڙتيءَ سان شام صبح ميڊيا تي اچي وبا کان متاثر مريضن جا انگ اکر ٻڌائڻ ۽ وفاقي حڪومت جي اڻپورن ڪيل قدمن تي تنقيد ڪندي نظر آيو.ملڪ ۾لاڪ ڊائون، سمارٽ لاڪ ڊائون، سيمي لاڪ ڊائون ۽ بي انتها لاڪ ڊائونن جا قسم متعارف ڪرايا ويا. سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي بند ڪيو ويو، خاص طور تي تعليمي ادارن تي پهرين پابندي جو قلمدان وهايو ويو. اسان کي بنيادي طور تي موقعي پرست ۽ خودپرست قوم چيو وڃي ته ڪنهن حد تائين غلط نه هوندو،  سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي جو اندازو، عوام جي وڌندڙ اهنجن مان لڳائي سگهجي ٿو، جتي سرڪاري ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي اڻ مدائتيون موڪلون ملهائي رهيا هئا ته نجي ڪاروباري مرڪز  ۽ ادارا پنهنجي تباهيءَ جا سبب بار بار حڪومت کي ڏئي احتجاج ڪرڻ جون تاريخون ڏئي رهيا هئا، پر ٿيو اهو ئي جيڪو وڏي سرڪار ۽ ننڍين صوبائي سرڪارن چاهيو. وفاق جتي لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو اتي سنڌ جي صوبائي حڪومت وفاق تي تنقيد کانسواءِ سنڌ جي عوام کي به ڪو رليف پهچائڻ ۾ناڪام رهي.

هن وقت ملڪ ۾ڏينهون ڏينهن ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ 2 سيڪڙو کان 6 سيڪڙو تائين آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروبار کي سرڪاري ادارن توڙي نجي ادارن کي بند ڪرڻ جو ڳالهيون هلي رهيون آهن. آزاد ڪشمير ته لاڪ ڊائون مڙهي به ڇڏيو، فيبروري کان وٺي نومبر تائين وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن وٽ عوام کي رليف توڙي وبا جي صورتحال ۾عوام جي اهنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ جو وقت هو پر افسوس ته حڪمران سواءِ سياسي بيان بازي ۽ نجي ڪاروبار توڙي ادارن کي بند ڪرڻ کانسواءِ ڪا به حڪمت عملي يا کڻي ايئن چئجي ته عوام کي  شعور  يا قانونسازي ڪري ڪو لائحه عمل نه ٺاهي  سگهيا آهن  اهو  ڄاڻندي به، ته  وبا جي علاج ميسر ٿيڻ تائين هن وبا سان گڏ  هلڻو پوندو .

ملڪ ۾گلگت بلتستان جي اليڪشن کانپوءِ اوچتو وزيراعظم عمران خان ۽ اين سي او سي جي طرفان عوامي اجتماعن پابندي کانپوءِ ادارن جي بند ڪرڻ نه ڪرڻ جي لاءِ مٿو مٿي سان ملائي ويهي رهيا آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو روز بروز ڪورنا جي صورتحال ۽ بلوچستان ۾لاڪ ڊائون ڪرڻ جا انديشا ٻڌائڻ، ڪا سياسي چال ته ناهي؟ جيتوڻيڪ مخالف ڌر اڳ ۾ئي اهو اشارو ڏئي چڪي آهي ته حڪومت مخالف ڌر جي جلسن کان گهٻرائي ڪورونا جي پٺيان لڪي رهي آهي.

ملڪ ۾هن وقت ٻه ڌرڻا هلندڙ آهن، هڪ گلگت ۾پيپلزپارٽي جو ڌرڻو ته ٻيو فيض آباد جو ڌرڻو، پيپلزپارٽي ڌرڻن جي سياست کي هميشه ننديو آهي تنهن هوندي به بلاول ڀٽو زرداري اقتداري ڌرين کي جذبات ۾اچڻ جو اشارو  ڏئي ڇڏيو آهي پر پيپلزپارٽي هميشه جمهوري انداز سان مزاحمت  ڪئي آهي اهو  وفاق ڄاڻي ٿو ته پيپلزپارٽي جو ڌرڻو ڪو جٽادار نه هوندو، پر هن وقت تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو وزيراعظم عمران خان جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي. ياد رهي ته نومبر 2017 ۾جڏهن تحريڪ لبيڪ جي طرفان ڌرڻو ڏنو ويو هو ته عمران خان حمايت جو اعلان ڪيو هو ۽ مولانا سان گڏ ويهڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي هئي، انهي ڌرڻي ۾ايف سي ۽ پنجاب پوليس جو آپريشن ناڪام ٿيو هو ته نوازشريف جي حڪومت فوج کي گهرايو هو پر فوج پنهنجي عوام تي آپريشن ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ احتجاج ڪندڙ مقتدر حلقن سان معاهدو ڪري واپسي جو في ماڻهو ڪرايو وٺي واپس ٿيا هئا، پر اڄ ٿورو معاملو ابتو آهي. عمران خان جو اقتدار آهي ۽ جماعت تحريڪ لبيڪ سخت مطالبا کڻي ڌرڻي تي ويٺل آهي.

مخالف ڌر به پنهنجا جلسا ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم جي طرفان جلسا طئي ٿيل شيڊيول تحت ڪيا ويندا ۽ حڪومت مخالف تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرائڻ لاءِ جنوري ۾لانگ مارچ جي پڻ تجويز غور هيٺ آهي. ٻئي طرف جنهن شهر ۾جلسا منعقد ٿيڻا آهن اتان جي مخالف ڌر جي مقامي قيادت جون اوچتو نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي طرفان گرفتاريون ٿي رهيون آهن، جنهن جي لاءِ مسلم ليگ  نواز جي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾پڻ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

وبا جي پهرين لهر ۾حڪومتي موقف کي جتي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، اتي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مخالف ڌر جي طرفان حڪمت عملين ۽ سنڌ حڪومت کي عوام ۾ساراهيو ويو پر هن وقت پ پ توڙي مخالف ڌر جون جماعتون حڪومت مخالف تحريڪ جي لاءِ روڊن تي آهن ۽ حڪومت سڀ ڪجهه وبا جا وڌندڙ ڪيس ٻڌائي بند ڪرڻ گهري ٿي. خاص طور تي مخالف ڌر جو وڌندڙ دٻاءُ پر اتي عوام ۾هڪ تاثر جيڪو پهرين ئي پنهنجون پاڙون ڄمائي چڪو هو ته ڪورونا رڳو هڪ ڊرامو آهي، تنهن کي پختو ڪيو پيو وڃي. ملڪ ۾جتي نيشنل ڊائيلاگ يعني قومي سمجهوتي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اتي معصوم عوام جي جانين ۽ انهن جي معاشي ايجنڊا ڪنهن ڌر جي  اوليت نه هئڻ جي ڪري وڏي مايوسي پيدا ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.