18 نومبر”روڊ متاثرن“جي ياد جو عالمي ڏينهن

خليق ميمڻ

هر سال نومبر مهيني جي 18 تاريخ تي سڄي دنيا ۾روڊ حادثي سبب متاثر ٿيندڙن جي ياد ۾عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي. اسٽالن جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”جڏهن ڏھه ماڻهو مرندا آهن ته تڏهن ان کي الميو چيو ويندو آهي پر جڏهن ڏھه لک ماڻهو مرن تڏهن صرف انگ ئي چئبو آهي“. اسان وٽ به ڪجهه ايئن روايت رائج آهي. ڪورونا وائرس جي مها وبا جڏهن ڊسمبر 2019ع ۾پوري دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ۽ ان جو اثر پاڪستان ۾فيبروري 2020ع کان اچڻ شروع ٿيو ته سڄي دنيا سان گڏ اسان جي ميڊيا به هڪ هڪ ڪيس کي وڏي شور سان ٻڌايو ۽ هاڻي ڄڻ اها ڪا عام خبر ٿي وئي آهي، هاڻي رڳو انگ وڃي رهيا آهن.

(ڪرونا وبا خطرناڪ بيماري آهي، ان کي سنجيدگي سان وٺو، پاڻ ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جو خيال ڪريو) ڪرونا جيان روڊ حادثا پيش اچڻ به ڄڻ روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن وٽ به ٿورو پئسو آهي اهو جھٽ ۾گاڏي وٺي ٿو ۽ سرڪار جو ڪنهن تي ڪو چيڪ ۽ بيلنس ڪونهي، نتيجي ۾حادثن جو ٿيڻ لازم آهي.

هڪ رپورٽ مطابق سڄي دنيا اندر هر ڇهن سيڪنڊن ۾هڪ ماڻهو روڊ حادثي ۾متاثر ٿئي ٿو، جن ۾ گهڻا ئي پنهنجي جان وڃائي ويهندا آهن. هڪ ٻي رپورٽ موجب هر پنج يا ڇهن منٽن ۾ڏھه ماڻهو روڊ حادثن سبب فوت ٿين ٿا، هر روز تقريبن ستٽيهه سو ماڻهو روڊ حادثي سبب مري وڃن ٿا. جڏهن ته هڪ سال ۾14 لک ماڻهو رڳو روڊ حادثن ۾مرن ٿا ۽ ٻه کان چار ڪروڙ ماڻهو زخمي ٿي مختلف جسماني توڙي ذهني معذورين جو شڪار ٿين ٿا. اوهان جيڪڏهن روز اخبار پڙهڻ جا عادي آيو ته اوهان کي الائي ڪيتريون روڊ حادثن جون خبرون پڙهڻ ۾اينديون، سنڌ اندر انڊس هاءِ وي ته حادثن جي هڪ الڳ داستان رکي ٿو جيڪو هزارين ماڻهن جي جان وٺي چڪو آهي.

گذريل سال جي هڪ غير سرڪاري سروي مطابق پاڪستان ۾صبح جو 8 وڳي کان 10 وڳي تائين 4 ڪروڙ ماڻهو روڊن تي اچن ٿا. پاڪستان ۾روڊن جو سٺو نه هئڻ ڪيترن ئي حادثن جو سبب بڻيل آهي، يعني هڪ انسان جو ناقص ڪارڪردگيءَ سبب ئي ٻئي انسان سان حادثو ٿئي ٿو. ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان جي مشهور صحافي وسعت الله خان پنهنجي ڪالم ۾الجزيره جي هڪ رپورٽ ترجمو ڪئي هئي، جنهن ۾وسعت الله خان چئي ٿو ته روڊ حادثا عالمي سطح تي موت جو اٺون ۽ جسماني معذوري جو ٽيون وڏو سبب آهن. اسپتال ۾جيترا زخمي آندا وڃن ٿا انهن مان 21 سيڪڙو زخمي ڪنهن نه ڪنهن روڊ حادثي سبب ڦٽجي اچن ٿا. سرجيڪل وارڊن جي بسترن تي 48 سيڪڙو روڊ حادثن جا زخمي ٿيل ليٽيل هوندا آهن انهن تي جيترا طبي خرچ ٿين ٿا، اُن جو بار کڻڻ ترقي يافته ملڪن  لاءِ به مشڪل ٿي ويندو آهي. مثال طور آمريڪا اندر  2000ع ۾ٽريفڪ حادثن ۾زخمي ٿيندڙ لڳ ڀڳ 55 لک ماڻهن جي علاج تي سرڪار ۽ مريضن جي کيسن مان ڪل ملائي 32 ارب ڊالر خرچ ٿيا، جڏهن ته روڊ حادثي جي نتيجي ۾ دماغ  ۽ ڪرنگھي جي هڏي جو ڌڪ لڳڻ سبب مريضن کي بهتر ڪرڻ تي سراسري خرچ ساڍا 3 لک ڊالر ٿيو. (اهي انگ اکر 20 سال پراڻا آهن. هاڻي لاڳت ڪٿان کان ڪٿي پهتي هوندي، ان جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا)

روڊ حادثن ۾متاثر ٿيندڙن جو وڏو انگ نوجوانن جو هوندو آهي، ان اعتبار کان چوٽيءَ جي ڏهن ملڪن جي درجابندي ڪئي وئي ته انهن مان ستن جو تعلق آفريڪا کنڊ سان آهي، انهن ملڪن جي ڪل سالياني قومي پيداوار جو ٽي سيڪڙو روڊ حادثن ۾ٿيندڙ گهڻ موتن جي نتيجي سبب گهٽ ٿيو وڃي، هي معاملو ڏينهون ڏينهن ايترو سنگين ٿيندو پيو وڃي جو گڏيل قومن 2003 ع ۾طئي ٿيل ترقي جي ملينيم هدفن ۾روڊ تي ٿيندڙ موتن ۾گهٽ ۾گهٽ پنجاهه سيڪڙو گهٽائي جو هدف مقرر ڪيو آهي، ته ڇا حادثن ۽ موت جي شرح گهٽ ڪرڻ ممڪن آهي؟ بلڪل آهي. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته عالمي سطح تي روڊ جا جيترا به حادثا ٿين ٿا يا انهن مان لڳ ڀڳ اڌ دنيا جي 10 سيڪڙو روڊن تي ٿين ٿا. مثال طور ڪينيا ۾مرڪزي هاءِ وي جو لڳ ڀڳ سوا سئو ڪلوميٽر جو اهڙو ٽڪرو 2009 ع تائين موت جي شاهراهه چورائيندو هو، ڇاڪاڻ ملڪي هاءِ وي تي ٿيندڙ 10 مان 8 موت ان ٽڪري تي ٿيندا هئا.

ٽرانسپورٽ جي ماهرن سببن تي غور ڪيو ته ڪيئي اهڙا پاسا سامهون آيا جن جو لاڳاپو انساني غفلت کان وڌيڪ روڊ جي ناقص ڊزائيننگ ۽ انجنيئرنگ سان هو. مثال طور اهو روڊ ٽو وي نه هو ۽ نه ئي ان جي ڪنارن تي حفاظتي فولادي جنگلو لڳل هو. روڊ جو هڪڙو ٽڪرو بلڪل سڌو هو، تنهن ڪري ڊرائيور لاشعوري طور اسپيڊ وڌائيندا ويندا هئا، گاڏين جي معيار جو ڪنهن کي به ڌيان نه هو تنهن ڪري به گھڻن گاڏين جا بريڪ فيل ٿي ويندا هئا، ان پوري ٽڪري تي روشني جو ڪو به انتظام نه هو، تنهن ڪري رات جو مخالف پاسي کان ايندڙ گاڏين جون هيڊ لائيٽون گھڻو ڪري موت جي شعاعن ۾تبديل ٿي وينديون هيون. ان لاءِ هاءِ وي جو ڪم شروع ٿيو، روڊ ويڪرو ٿي ويو، وچ ۾فولادي ڊوائيڊر ۽ سائيڊن  کان فولادي جنگلو لڳايو ويو. کٽارا گاڏين کي هاءِ وي تي اچڻ کان قانوني طور روڪيو ويو، هيڊ لائيٽ جي استعمال جي آگاهي فراهم ڪئي وئي. اسپيڊ گهٽ رکڻ لاءِ ڪئميرائون  لڳايون ويون، هر سئو ڪلوميٽر تي طبي امداد جو مرڪز قائم ڪيو ويو، هر 20 کان  25 ڪلوميٽرن کان پوءِ، روڊ جي سڌي ٽڪري کي اهڙي ريت موڙيو ويو جو هر گاڏي رفتار گهٽ ڪرڻ تي مجبور ٿئي، انهن اپائن جي ڪري اهو نتيجو نڪتو جو 2009 ع کان پوءِ ان روڊ تي حادثن جي شرح 75 سيڪڙو گهٽ ٿي وئي. ايئن پاڪستان اندر به ڪرڻ گهرجي پر شرط آهي ته سرڪار ۽ اسان روڊ حادثن کي خدا پاران ڪيل ڪم بدران انساني غفلت سمجهي سنجيده ٿي سوچي وٺون.

اڪثر روڊ حادثي جو شڪار ڊرائيور، مسافر ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙ ماڻهن جو تعداد وڌيڪ ٿئي ٿو. هن ڏينهن کي سڀ کان پهرين 1993ع ۾ هڪ غير سرڪاري تنظيم پاران ڪيترن ئي ملڪن ۾ملهائڻ شروع ڪيو ويو، جنهن کي گڏيل قومن جي اداري 26 آڪٽوبر 2005ع قبوليندي سڄيءَ دنيا ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هڪ اندازي مطابق 52 لک 56 هزار ماڻهو هر سال روڊ حادثن ۾متاثر ٿين ٿا.  انهن لکين متاثر ٿيل ماڻهن کي ياد ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو ادارو هن ڏينهن کي ملهائيندو آهي. جيڪو دنيا جي ڇهن ئي کنڊن جي تقريبن سڀني ملڪن ۾ڪانفرسون، سيمينار، تصويري نمائشون ۽ ٻيا مختلف پروگرام منعقد ڪري ملهايا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.