خدا جي لٺ کان ڊڄو

حافظ سڪندر تنيو

ڪجھه ڏينھن اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي ھئي، جنھن ۾ھندستان مٿان پاڪستان ۾دھشتگردي ڪرائڻ جا الزام لڳايا ويا ھئا، جن ۾مکيه الزام ھو ته ھندستان ايم ڪيو ايم الطاف گروپ کي فنڊنگ ڪرڻ سان گڏ کين فوجي ٽرينگ انڊيا ۾پڻ ڏيندو رھيو آھي. ايم ڪيو ايم جا ماڻھو اتان سکيا ۽ ھٿيار وٺي اچي پاڪستان ۾دھشتگردي ڪندا رھيا آھن، ان سان گڏ افغانستان جي ويڙھاڪ تنظيمن کي پڻ اسلحو ۽ سکيا ڏئي پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪرڻ لاءِ موڪليندو رھندو رھيو آھي، اڄ به ھو افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪري رھيو آھي، انھن ڳالهين کانسواءِ تحريڪ لبيڪ جو سربراهه خادم رضوي پڻ اسلام آباد ۾ڌرڻو ھڻي فرانس جي سفارتخاني کي بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي. جيڪو سرعام چئي رھيو آھي ته مٿس جيڪڏھن تشدد ڪيو ويو ته ھو ان راز کي ظاھر ڪندو ته کيس نواز شريف جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ کيس ڪنھن راولپندي ۽ اسلام آباد آندو ھو، شايد ھو پنھنجي پراڻي اوڳڙ اوڳاڙڻ لاءِ ئي آيو آھي.جنھن ڪري غير ملڪي سفارتڪار پڻ عدم تحفظ جي خوف ۾ورتل آھن.

عالمي اصولن جي اخلاقيات ۽ قانون مطابق، سفارتخانن جي حفاظت اتان جي ملڪ جي ذميوارين ۾ شامل ھوندي آھي پر اسان ڏٺوسين ته جڏھن افغانستان تي طالبان ملا عمر قبضو ڪيو، ملڪي صدر ڊاڪٽر نجيب الله اقوام متحده جي ڪابل آفيس ۾سياسي پناهه وٺي پاڻ کي محفوظ جاءِ تي سمجھي ويٺو ھو، جيڪڏھن ھو چاھي ھا ته اُتان ڳجھي طريقي سان سرحد ٽپي يورپ يا روس وڃي پئي سگھيو، پر ھن ملڪي سرزمين تان ڀڄي وڃڻ کي بزدلي سمجھندي ڌرتي تي رھڻ پسند ڪيو ھو پر طالباني ملائيت عالمي اصول ۽ قانون اورانگھي اقوام متحده جي آفيس تي حملو ڪري ڊاڪٽر نجيب کي قتل ڪري سندس لاش چئو واٽي تي ٽنگي عالمي اصولن جي منھن تي دانگي ملي پاڻ کي مھذب دنيا جي صف مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ھو.

اھڙي طرح ڪيئي ڀيرا افغاني ھجومن ڪابل ۾پاڪستاني سفارتخاني تي حملا پڻ ڪيا ھئا پر اھي افغاني ھر دور ۾پاڪستاني ايجنسين جي اکين جا تارا رھندا پئي آيا. ٽيهھ لک افغاني پناهگير جيڪي قانوني طرح درج ٿيل آھن جن کي ڪئمپن ۾رکڻو ھو، سي ڪئمپن مان ڄاڻي واڻي ڪڍي ڪراچي موڪليا ويا، جن لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ٻڌندي کين دھشتگردي جو سبب سڏيو ھو،کين پنھنجي ملڪ موڪلڻ جو فيصلو ٻڌايو ھو پر مرڪزي سرڪار ۽ پنجاب صوبي جي حڪومت کين پنجاب ۾رھائش اختيار ڪرڻ نه ڏني پر سنڌ جي مٿي ۾سور ٽيهھ لکن کان مٿي چڙھي پنجاھه لک تي پهچايو ويو، ڪالهھ ڏٺوسين ته جلال آباد ۾لکين افغاني ويزا وٺندي گڏ ٿيا، جن ۾سوين ماڻھو پيهھ ۾لتاڙجي مري ويا،کين قومي سڃاڻپ ڪارڊ پنجين سئو جي نوٽ عيوض ٺاھي ڏنا پيا وڃن، سندن انگ تيزي سان سنڌ ۾وڌائڻ جو عمل سرڪاري سرپرستي ۾سنڌ حڪومت جي سھولتڪاري ذريعي پڻ وڌي رھيو آھي، لوڊرا شڪارپور، روھڙي، سکر، سانگھڙ ۾سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر صاحب جي تعاون سان کين ھر بنيادي سھولت ملي رھي آھي.

ان کانسواءِ اعجاز شاهه جو نالو جنهن کي بينظير ڀٽو پنھنجي قاتلن ۾لکرايو ھو، ان پڻ اعتراف ڪيو آھي ته اي اين پي جي اڳواڻن جي مارجڻ ۾طالبان ملوث ھئا ۽ طالبان ھر ان ماڻھو کي قتل ڪندا آھن جيڪي پاڪستاني فوج جي مخالفت ڪندا آھن، اھڙي طرح بينظير ڀٽو، اي اين پي جيڪي فوجي آمريت جي قبضي ڪرڻ کي ناپسند ڪندا ھئا، تن کي طالبان جي ھٿيارن سان قتل ڪرايو ويو، اعجاز شاهه جيڪو ھينئر پاڪستان جو وزير دفاع آھي، ان اھڙي بيان ڏيڻ تي اي اين وارن کان معافي پڻ ورتي آهي، شايد ھاڻي ان ڪري ميان نواز شريف ۽ مريم نواز پڻ اي اين پي جي لسٽ ۾رکيا ويا آھن.

پريس ڪانفرنس ۾ايم ڪيو ايم گروپ کي ملڪ دشمن ۽ انڊيا جو ايجنٽ سڏيو ويو آهي پر ڏسجي ته انڊيا کانسواءِ پاڪستان ۾انھن انڊين ايجنٽن کي ڪهڙي نرسري ۾نپايو پئي ويو. انھن ايجنٽن کي ضياءِ الحق وجود ۾آندو، ڪراچي ۾ھنن جي ھٿن ۾اسلحو ضياءِ گروپ ئي ڏنو، کين ڪراچي سميت سموري سنڌ حوالي ڪري ڏني وئي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، ميرپور خاص شھر سندن حوالي ڪيا ويا، جتي سنڌي ماڻھن جي تذليل ٿيندي رھي، حيدرآباد جي قلعي ۾انڊين اسلحي جا انبار لڪايا ويا، انھن ھٿيارن کي ھٿ ڪرڻ لاءِ بينظير صاحبا، جنرل اسلم بيگ کان فوج جي مدد گھري، جيڪا کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، ڪوئي پوليس آفيسر قلعي آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو پر ھڪ سنڌي آفيسر حامي ڀري، ھو جيئن ئي قلعي ۾پوليس وٺي داخل ٿيو، دھشتگردن جي اڏي ۽ انڊين ھٿيارن تي قبضو ڪيو، تيئن ايم ڪيو ايم جا پيغام اسلم بيگ ڏي پهچڻ شروع ٿيا، ھن فوج کي حڪم ڪيو ته پوليس کي بي ھٿيار ڪري قلعي کان ٻاھر موڪليو وڃي، اھڙي طرح آپريشن ناڪام بڻايو ويو، ان ناڪامي ۾سھولتڪار اسلم بيگ بڻيو، جڏھن بينظير صاحبه جي پهرين حڪومت ختم ڪئي وئي ته مٿس ھڪ الزام صدر اسحاق قلعي آپريشن بي ڏوھي ماڻھن مٿان ڪرڻ جو لڳايو ھو، جڏھن اسلم بيگ رٽائرڊ ٿيڻ لڳو ته ھن ميان نواز شريف کان مدو ملازمت جو وڌائڻ لاءِ را جي ايجنٽ الطاف کان سفارش ڪرائي ھئي، اھڙي طرح مشرف صاحب پڻ الطاف جي انڊيا جي دوري ڪرڻ جا انتظام ڪرايا، ھن پاڪستاني سفير مٿان دٻاءِ وڌو ته الطاف کي انڊيا ۾وڏو پروٽوڪول ڏياريو وڃي، ھن جي دور ۾ڪراچيءِ مان 400 پوليس آفيسر ايم ڪيو ايم جي ھٿان قتل ٿي ويا، ھڪ آفيسر جي تعزيت لاءِ مشرف يا ڪوئي سويلين وزير وٽن نه ويو ھو.

ڪالهھ تائين اھي ماڻھو محب وطن جي لسٽ ۾ڪنھن رکيا ھئا. ڇا رڳو اڪيلو الطاف انڊيا جي ايجنٽي پيو ڪري؟ ڇا سموري ان دور جي قيادت ان ۾ملوث نه ھئي؟ ڇا اھي ماڻھو اڄ پاڪ پويتر ڪيئن بڻجي نفيس سڏجي رھيا آھن. کين اھم وزارتن تي ڪنھن رکيو آھي؟ اھو پڇاڻو ڪنھن کان ٿيڻ گھرجي؟ ڪڏھن اھي ماڻھو انڊين ايجنٽ ته ڪڏھن ساڳيا ماڻھو محب وطن ڪيئن ٿا بڻايا وڃن؟ اھڙي طرح طالبان کي ٽريننگ ڪٿي ڏياري وئي ھئي؟ جيڪڏھن طالبان ۽ ايم ڪيو ايم انڊيا لاءِ ڪم ڪري رھيا ھئا ته مٿن ملڪ ۾ ڇپر ڇانو ڇو ٿي رھي ھئي؟

جڏھن سنڌ جي آءِ جي پوليس کي اغوا ڪيو ويو ته انڪوائري ۾چيو ويو ته پوليس پاران عوامي جذبات جي احترام نه ڪرڻ سبب فوج ۽ رينجرز عوامي دٻاءِ سبب آءِ جي کي اغوا ڪري کائنس ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ آرڊر ورتا ويا، ڀلا جڏھن فوج ۽ ادارن کي خبر به ھئي ته ايم ڪيو ايم انڊيا لاءِ ڪم پئي ڪري ته ان مھل ادارا جذبات ۾ڇو ڪين پئي آيا؟ ڇو چاليهھ سال تائين اکيون ٻوٽيو ماڻھن ۽ ملڪيتن جي ڀينگ ڏسندا رھيا؟ اڄ پڻ ساڳين ماڻھن کي اھم وزارتون ۽ عھدا ڇو ٿا ڏنا وڃن؟ ڪھڙي سبب جي ڪري ھو قاتل ڏوھاري شريف ۽ نفيس بڻيل آهن؟ 12 مئي بلديا فيڪٽري جي ملوث قاتلن کي گرفتار ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ سندن مٿان ڪنھن جو ھٿ ۽ ڇو رکيل آهي؟ پوءِ وري اھڙين پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ضرورت به ڪھڙي ھئي؟ جڏھن جو قاتل ۽ غدار سرڪار جي ويھاريل سريت جيان سندس ھنج ۾ويٺل آھن.

سموري ڪراچي ۾چائنا ڪٽنگ، ڀتا خوري، قتل ۽ غارت ۾ڪنھن جي اشاري سان ٿي رھي ھئي؟ ڪراچي اليڪٽرڪ، ڪي ايم سي، شپنگ ڪارپوريشن ۾ڪھڙي ڌر جا دھشتگرد ڀرتي ڪيا ويا ھئا؟ تن کي نوڪرين مان ڪڍڻ بدرانِ پڪو ڪير ڪري رھيو آھي؟ اھڙا ڪيترا سوال آھن جيڪي ھر محب وطن ماڻھو جي ميڄالي ۾ويٺل آھن. ھو پڇڻ چاھين ٿا ته ڏوھارين سان پيار وارو ورتاءُ ڇو پيو ٿئي؟ ھڪ پاسي کين ملڪي غدار گروپ سڏيو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي ان گروپ کي ئي دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا مان گھرائي کين وائيس آف ڪراچي ڇو ٿو چيو وڃي! اھڙين پاليسين کي ھاڻي ھر ھر ورجائڻ نه کپي، سنڌ جي نوجوانن کي سالن کان کنڀيو قيد ڪيو ويو آهي، پر سئون جي تعداد مان ھڪ سيڪڙو ماڻھو انڊيا جو ايجنٽ ثابت ٿي نه سگھيو آھي، جيڪڏھن بي ڏوھين کي قيدي بڻائڻ قانون جي پاسداري آھي ته ان سان قانون ڪوريئر جو ڄار سڏجي سگھبو.

خدارا ڀاڳئي ۽ چور ۾سڃاڻپ ڪرڻ سکو، سنڌ جا نوجوان ڀاڳيا آھن،کين ايم ڪيو ايم ۽ طالبانن جي چورن واري لسٽ ۾ھرگز نه رکيو وڃي. ملڪ کي ”بنانا رياست“ نه پر ”فلاحي رياست“ بڻائڻ تي ھاڻي ڪم ڪرڻ گھرجي. لا قانونيت جھنگ ۾ھلندي آھي، مھذب ملڪ ناهن قبوليندا، پنھنجي ملڪ کي بچائڻ ۽ سنوارڻ جي سوچ پيدا ڪريو، نفرتون ملڪ جي سربراهه کي رکڻ نه ٿيون جڳائين، جيئن عمران خان سنڌين سان ڪري رھيو آھي، ساڳئي طريقي جي نفرت آمريڪي سابق صدر ٽرمپ مسلمانن ۽ ٻين غير آمريڪي ملڪن جي ماڻھن سان ڪئي، جو ھڪ سويڊش ماڻھو ويهھ سالن کان آمريڪا ۾رھندڙ ھو، ھو صبح جو پنھنجي ٻن معصوم ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي جيئن موٽي رھيو ھو ته کيس رستي مان اغوا ڪري ڊي پورٽ ڪري کيس پنھنجي ملڪ موڪليو ويو، ڇا ھنن جي معصوم ٻارن جا بنيادي حق مجروح ڪرڻ آمريڪا جھڙي ملڪ جي صدر کي سونھن پيا؟ ھنن ٻارڙن جو ڪھڙو قصور ھو؟  اھڙا حق سنڌين جي ٻارن جا ۽ سنڌي ماڻھن جا ماريا پيا وڃن، سنڌ جي اسپتالن تي نيب حملا ڪري رھي آھي جڏھن ته وري به سنڌ ۾دل جي مريضن جو علاج مفت ۾سستو ڪيو ٿو وڃي، پراون سان گڏ پنھنجا سڏرائيندڙ پڻ گلگت مان چار سيٽون کٽڻ جي لالچ ۾سنڌي شاگردن جون تعليمي ادارن ۾رکيل سيٽون بلاول صاحب پنھنجي ذاتي پراپرٽي سمجھي گلگتين کي ڏيڻ جا اعلان ڪري رھيو آھي.

سنڌ جي سمنڊ تي قبضا ڪيا ٿا وڃن، خدا جي لٺ جھڙي طرح ٽرمپ جي مٿي تي وسي، اُها ئي لٺ سڀاڻي ھتان جي تعصب پرست حڪمرانن مٿان ڪڙڪي پوڻ واري آھي. ان ڪري نه ئي ظالم سدائين رھڻو آھي، نڪي وري ظلم ھميشھ حياتي ماڻڻ وارو آھي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.