”زهر لاءِ پئسا ناهن“ گهوٽڪي سي ايم او پاران پسٽل سان ڪتا مار مهم

گهوٽڪي ( ڊ ر ) زهر خريدڻ لاءِ پيسا ناهن ،گهوٽڪي سي ايم او نادر شاھ امروٽي پاران پسٽل سان ڪتا مارڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آھي، خبر  موجب گهوٽڪي سي ايم او پسٽل ذريعي ڪتا مارڻ جي مهم جي شروعات ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سي ايم او نادرشاھ زهريلي دوا کارائڻ  بدران ميونسپل آفيس ۾  پسٽل سان فائر ڪري ڪتا ماري رهيو آھي جڏهن ته سي ايم نادرشاھ امروٽي جو چوڻ آھي ته ايڊمنسٽريٽر جي سيٽ خالي هجڻ ڪري ڪتن کي مارڻ لاءِ زهر خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن جنهن جي ڪري پسٽل سان ڪتا ماري مهم شروع ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.