عوامي آواز ۾ خبر ڇبجڻ بعد شادي پلي ۾ ڪتا مار مهم جي شروعات

شادي پلي( ن ع آ ) عوامي آواز  ۾ گندگي ۽ رولو ڪتن جي آزار بابت خبر شايع ٿيڻ بعد ٽائون انتظاميه ۾  ٿرٿلو پئجي ويو  ،ٽائون انتظاميه فوري طور نوٽيس وٺندي صفائي سٿرائي ۽ ڪتا مار مهم جو آغاز شروع ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته گڏو گڏ ڪتا مار مهم جو آغاز شروع ڪري شهر ۾ ڦرندڙ رولو ڪتن کي زهر ڏئي ٺڪاڻي لڳايو ويو، شهرين منظور بلوچ ۔ ڌڻي بخش ڪي بي ۔ علي حسن بلوچ ٻين روزاني عوامي آواز جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٿورا مڃيا.

اڏيرولال ۽ بائو خان پٺاڻ يوسين جا سيڪريٽري غائب، ڪتا مار مهم شروع نه ٿي

اوڏيرولال(رپورٽ: سڪندر ساهووال) يونين ڪائونسل اوڏيرولال اسٽيشن ۽ يونين ڪائونسل بائوخان پٺاڻ جا سيڪريٽري  ڪيترن ئي ڏينهن کان غائب، يوسي جي رهواسين غلام حيدر ڇٽو ، خادم ڇٽو ،اڪبر ، واحد ۽ ٻين چيو ته يوسي آفيس ۾ سيڪريٽري نه هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺن محمدرحيم ڇٽو  ، صيفل ڇٽو  يارمحمد ڇٽو ،  فاضلاڻي موري ، جمع خان بلوچ ، فارسي فارم ، الهجڙيو بالادي ، سميت ٻين ڳوٺن  ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ڪئي وئي  آهي ۽ اسان جي ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي ۽ سيڪريٽري آفيس اچڻ لاءِ تيار ناهن .

شڪارپور ۾ ٻن  نينگرن کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، سي ايم او ۽ يوسي سيڪريٽري خلاف ڪيس

سلطان ڪوٽ/شڪارپور(نمائندا)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز  ايس ڊي پي او ۽ ايس ايڇ اوز  ي  کي حڪم جاري ڪندي ڪتي جي ڪاٽڻ تي لاڳاپيل حد جي ٽائون آفيسر ، يوسي سيڪريٽري سميت چيف ميونسپل آفيسر جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ هي هدايت ڪري ڇڏي آهي،ايس ايس پي شڪارپور کي ميونسپل ڪارپوريشن  جي خلاف ڪيترائي دفعا ڪتن جي ڏاڙهڻ جون درخواستون مليون آهن 17 نومبر تي سنڌ واھ جي رهواسي 10 سالن جي  غلام رسول پٽ محمد حليم بروھي ۽ انڊسٽريل شڪارپور جي رهائشي 12 سالن جي  محمد اسرار پٽ عرض محمد ککراڻي کي رولو ڪتن جي ڪاٽڻ تي سي ايم او صادق علي لغاري ۽ UC سيڪريٽري مريد سيٺار عابد علي سومرو جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

سچل ڳوٺ سميت ڪراچي جي وسندين ۾ ڪتن جا ٽولا، اسڪول ويندڙ ٻار پريشان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌ جي مڪاني کاتي جي اختيارين پاران ڪراچي جي مختلف سنڌي  وسندين سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ جي، مخدوم بلاول وليج، سحرينا وليج، شاهه عنايت وليج، شاهه نوراني ڳوٺ، سيتا نگر، ايوب ڳوٺ ۾ رولو ڪتا مارڻ لاءِ ڪا به مهم شروع ناهي ڪئي وئي، سياري جي مند ايندي ئي رولو ڪتا ٻارن تي حملي آور آهن، هتان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته سچل ڳوٺ ۾ خاص طور تي رولو ڪتن جو وڏو آزار آهي، اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن کي ڪتا ڏاڙهين ٿا، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته مڪاني کاتي جي نااهلي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڪتا مار مهم جي سلسلي ۾ رکيل فنڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.