گلگت جي تڪ تي ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ پاران ڪاميابي جي دعويٰ

گلگت  ( م ڊ ) پيپلزپارٽي دعويٰ ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جي تڪ جي بي اي 2 گلگت ۾ ٻيهر ڳڻپ دوران سندس اميدوار کي برتري حاصل  ٿي وئي آهي. نجي ٽي وي موجب پ پ اميدوار جميل احمد کي ٻيهر ڳڻپ ۾ 142 ووٽن جي برتري ملي وئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ به پ پ اميدوار کٽيو هو پر ٻيهر ڳڻپ ۾ پي ٽي آءِ جي فتح الله ٻن وٽن تان ڪاميابي ماڻي هئي. مبينا ڌانڌلي خلاف پ پ پاران ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندڙ پ پ ڪارڪنن جشن پڻ ملهايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.