ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا: لاڙڪاڻي ۽ هالا جي ميونسپل ڪمشنرن جي گرفتاري جو حڪم

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) سنڌ ۾ رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن جي حوالي سان داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جا ميونسپل ڪمشنر  پيش ٿيا، جڏهن ته لاڙڪاڻو ۽ هالا جا ميونسپل ڪمشنر پيش نه ٿيڻ تي عدالت سندن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻڌڻي دوران پوليس پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جتي به ڪتي جي ڏاڙهڻ وارو واقعو پيش اچي پيو اتي ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، جنهن تي عدالت حڪم ڏيندي چيو آهي ته جنهن به يوسي ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ وارو واقعو پيش اچي ان يوسي جي سيڪريٽري تي به ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. عدالت پٽيشن جي ٻڌڻي 26 نومبر تي منتقل ڪندي ٻنهي ميونسپل ڪمشنرن کي گرفتاري ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.