سنڌ ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا جاري، ٻارن سميت وڌيڪ 19 کان وڌيڪ شهري زخمي،انتظامي لاپرواهي برقرار

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار برقرار، ٻارن سميت وڌيڪ ڪيترائي شهر ڏاڙهجي ويا، ڪٿي مهم هلندڙ، ڪٿي سنگين لاپرواهي، تفصيلن موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ گذريل ڏينهن  رولو ڪتن 6 ٻارڙن سميت 8 ڄڻن کي چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 6 سالن جو فرحان پٽ شرف دين، 7 سالن جو سعيد پٽ محمد حسن، 8 سالن جي مديحه ڌيءُ فيض محمد، 8 سالن جو غلام مصطفيٰ پٽ گل حسن، 10 سالن جو سجاد پٽ عرض محمد، 12 سالن جو راشد پٽ محمد هاشم، 20 سالن جو مير مرتضيٰ پٽ غلام مصطفي ۽ 32 سالن طارق پٽ جادل خان شامل آهن، ڪتي چڪ سبب زخمي ٿيل سمورن متاثرن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو جتي کين ڪتي چڪ کان بچاءُ لاءِ ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. وڏانهن لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل عملي پاران رولو ڪتن خلاف جاري مهم جي سلسلي ۾ ڳيريلو ٽائون ڪاميٽي ۾ 25، آريجا ٽائون ڪاميٽي ۾ 5، لاڙڪاڻي شهر جي ٻهراڙي وارن علائقن مان 10 ۽ مختلف علائقن مان مجموعي طور 60 کان وڌيڪ رولو ڪتن کي ماريو ويو. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته ميونسپل عملي طرفان گذريل هڪ هفتي کان پوري ضلعي ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪئي وئي آهي ،ٻئي پاسي  مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سمان جوڻيجا ۾ رولو ڪتي نوجوان نعيم جوڻيجو کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو،جڏهن ته ڳاهيجا ٿاڻي جي حد يو سي ڪنڌر جي ڀٽا ڳوٺ ۾ رولو ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب هڪ ڄڻو سيد فياض الرحمان زخمي ٿي پي جن کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو جڏهن ته يو سي ڊکڻ جي ڳوٺ قادربخش وڳڻ ۾ رولو ڪتن مسمات حفيظان ۽ سندس 5 ورهين جي ڌيءُ امينا کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي پڻ وارثن تعلقي اسپتال مدئجي آندو جتي کين ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري وئڪسين ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هوته مڪاني ادارن جي ڪامورن پاران رولو ڪتن کي مارڻ واري مهم شروع نه ڪرڻ سبب رولو ڪتا ولرن جي صورت ۾ گهمي رهيا آهن ۽ معصوم شهرين کي ڏاڙهي زخمي ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، هوڏانهن  ٿاڻوبولاخان جي ميمڻ محلي ۾ 8سالن جي نياڻي عائشه ڌيء الطاف ميمڻ کي ڏاڙھي وڌو ٻارڙي کي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان مان ويڪسين ڏني وئي، هوڏانهن  عثمان شاهه هڙي ويجهو ڳوٺ ڊپٽي عبدالحق ۾ بصران ڌيءُ شير محمد عاقلاڻي کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو جنهن کي سول اسپتال ٽنڊو الهيار نيو ويو جتي ويڪسين بعد سول اسپتال ٽنڊو الهيار جي ڊاڪٽر جي ليٽر تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب يوسي سيڪريٽري ٽنڊو سومرو اطهر حسين مير جت خلاف عمر ساند ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 55/2020 قلم 291/ 290/ 289 تحت ايف آري تحت داخل ڪئي وئي آهي ٻئي طرف ڳوٺ ملا الهيار ڪيريو ۾ مڪيش پٽ فوٽو کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌي جنهن کي پڻ سول اسپتال ٽنڊو الهيار نيو ويو جتي ويڪسين ڪرڻ بعد زخمين کي پنهنجي گهر روانو ڪيو ويو جنهن بعد سول اسپتال ٽنڊو الهيار جي ڊاڪٽر جي ليٽر تحت يوسي سيڪريٽري شاهپور رضوي ممتاز مير جت خلاف ڊاسوڙي ٿاڻي تي ڪتي ڏاڙهڻ جي  ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪڪڙ  لڳ  ڳوٺ غلام محمد ٻٻر ۾ ڇتي ڪتي 18 ورھين جي  نوجوان بدر ٻٻر کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ، هوڏانهن سانگهڙ ڀرسان پيرومل ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو رولو ڪتن هڪ ڏينهن ۾ هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي وارث وئڪسين لاءِ سانگهڙ سول اسپتال پهتا جتان اسپتال ۾ وئڪسين ڪئي وئي،هوڏانهن بڪيراشريف جي خاصخيلي پاڙي جو 35 ورهين جو نوجوان هَميرو ڀيل کي رولو ڪتي تنگ ۾ ڏاڙهي وڌو جنهن ڪري هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي بي ايڇ يو سينٽر بڪيراشريف پهچايو ويو جتي اينٽي ربريز انجيڪشن نه هجڻ ڪري نوجوان کي ٽنڊوالهيار رفر ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.