مڪاني کاتي جي ڪاموراشاهي جي روايتي سستي، ڪتا مار مهم جا 24 ڪروڙ ئي ليپس

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)مڪاني ادارن واري کاتي جي نااهلي سبب ڪُتا مارڻ ۽ خصي ڪرڻ وارو پراجيڪٽ شروع نه ٿي سگهيو آهي،جڏهن ته بيوروڪريسي جي سُستي سبب ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل 24 ڪروڙ  ئي ليپس ٿي ويا،دستاويزن ۽ سرڪاري ذريعن موجب سنڌ سرڪار پرڳڻي ۾ ڪتن جو انگ وڌي وڃڻ ۽ ڇتن ڪتن پاران ماڻهن کي ڏاڙهڻ وارا واقعا وڌڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار پرڳڻي ۾ ڪتا مارڻ ۽ خصي ڪرڻ بابت "اينٽي ريبريز پروگرام سنڌ” شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان بابت الڳ سان ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ جي سنڌ جي وڏي وزير کان منظوري پڻ ورتي ويئي ، پر اهڙي عمل کي هڪ سال کان وڌيڪ وقت لنگهي وڃڻ باوجود ڪتا مارڻ۽ خصي ڪرڻ وارو پراجيڪٽ ئي شروع نه ڪيو ويو آهي سنڌ جي وڏي وزير هڪ سال اڳ پراجيڪٽ جي منظوري ڏيندي ناڻي کاتي کي خصوصي طور تي بجيٽ رکڻ جي به هدايت ڪئي ھُئي جنهن بعد ناڻي کاتي مالي سال 2019/20ع واري بجيٽ بڪ ۾ 96 ڪروڙ رپيا ڪتا مارڻ ۽  خصي پروجيڪٽ لاءِ رکيا ۽ فوري طور تي ان رقم مان خرچ ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارن واري کاتي کي 24 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ۽ "اينٽي ريبريز پروگرام سنڌ” جي  پهرين پي ڊي جي چارج ڊاڪٽر اي ڊي ساجناڻي حوالي ڪئي ۽ بعد ۾ ان پراجيڪٽ لاءِ ڪانٽريڪٽ تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رکڻ جي پڻ سنڌ جي وڏي وزير کان منظوري ورتي ويئي،پنج مهينا اڳ پنج رڪني سليڪشن بورڊ "اينٽي ريبريز پروگرام سنڌ” جي پي ڊي لاءِ ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ورتا جنهن ۾ 11 اميداورن حصو ورتو،سليڪشن بورڊ حتمي طور تي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڊاڪٽر اي ڊي ساجناڻي کي پي ڊي رکڻ جي منظوري ڏني پر ان عمل کي پنج مهينا گُذري وڃڻ بعد پي ڊي جي مقرري جو  باضابطا نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري چارج رکندڙ پي ڊي ڪانٽريڪٽ طور مقرري نه ٿيڻ ڪري ڪم جي شروعات ئي نه ڪري سگهيو آهي،ناڻي کاتي موجب پراجيڪٽ لاءِ پهرين مرحلي ۾ 96 ڪروڙ 33 لک رپيا بجيٽ رکي ويئي پر ڪورونا سبب اها رقم خرچ نه ٿي سگهي ۽ سموري رقم ليپس ٿي وئي جنهن کان پوءِ نئين مالي سال 2020/21ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بجيٽ بڪ ۾ ڪُتا مارڻ ۽ خصي ڪرڻ  واري پراجيڪٽ لاءِ 96 ڪروڙ 33 لک رپيا رکيا ويا آهن جنهن رقم مان پڻ اڌ مالي سال گُذري وڃڻ بعد ٽڪو به خرچ ناهي ٿي سگهيو،مڪاني ادارن واري کاتي جي ذريعن موجب نئين پي ڊي جي مقرري واري سمري حتمي منظوري لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير کي پنجن مهينن کان اُماڻي ئي ناهي ويئي ۽ پي ڊي جي مقرري به التوا جو شڪار آهي  جنهن ڪري پراجيڪٽ ڪم شروع ڪري ناهي سگهيو ۽ پرڳڻي ۾ لکين انسانن جون قيمتي جانيون ڇتن ڪُتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.