جي بي چونڊون: نتيجا مڪمل، پي ٽي آءِ اڳيان

گلگت ( م ڊ ) گلگت بلتستان جي سمورن تڪن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب 7 تڪن تي آزاد اميدوار، 9 تي پي ٽي آءِ ۽ 3 تي پ  پ اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. نواز ليگ 2 ، جي يو آءِ  ۽ ايم ڊبليو ايم هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي. بي اي 18 ديامر 4 تانيگر جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ دير ٿي، جنهن جو نتيجو ڪالهه ظاهر ڪيو ويو ۽ اتان پي ٽي آءِ جو اميدوار ڪامياب نه ٿيو.هوڏانهن جي بي چونڊن ۾ بي بي سي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته هنن چونڊن ۾ هڪ نئون لاڙو ڏسڻ ۾ آيو، يعني عورتن جي وڏي انگ چونڊن ۾ ووٽ وڌو، اسڪردو ۽ غذر ۾ عورت اڳواڻن پنهنجي چونڊ مهم عورتن سان گڏجي هلائي، رپورٽ موجب مريم نواز جي اتي وڃڻ سان به عورتن کي حوصلومليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.