ٽي ايل پي سان فرينچ سفير جي نيڪالي جو ٺاهه، انتهاپسندن آڏو هٿيار ڦٽاڪرڻ جو الزام

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد ۾ ڌرڻي دوران تحريڪ لبييڪ سان فرانس جي سفير جي نيڪالي واري ٺاهه سبب حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه  حلقا رياست تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو الزام هڻي رهيا آهن. جرمن ۽ بي بي سي رپورٽ موجب حڪومت خادم رضوي سان سادي ڪاغذ تي ٺاهه موجب فرانس جي سفير کي نيڪالي ۽ فرانس ۾ سفير نه لڳائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان تي انساني حقن جي تنظيمن سخت احتجاج ڪيو آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وائيس چيئرمين اسد بٽ چيو آهي ته رياست هميشه انتهاپسندن کي خوش ڪيو آهي، اڳ ۾ سٺا  ۽ خراب طالبان پيدا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي هاڻ خادم رضوي جهڙن مولوين کي خوش ڪرڻ لڳي آهي. انتهاپسندن آڏو جهڪاءَ سان اهي انتهاپسند هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد اچي ويندا. ان سلسلي ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي چيو آهي ته  73 ورهين کان ائين ٿئي پيو، پر هن وقت  لڳي ٿو عمران خان کان ناراض طاقتور حلقن رضوي کي وري آندوآهي. هوڏانهن حڪومت هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو الزام رد ڪيو آهي، حڪومتي ايم اين اي ميان اقبال چيو آهي ته رياست هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا، هن چيو ته فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين پوءِ جيڪو ميمبر فيصلو ڪن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.