ڪورونا ويڪسين: پاڪستان پاران اڳواٽ بڪنگ جو فيصلو

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان ڪورنا وائرس جي ويڪسين جي ايڊوانس بڪنگ جو فيصلو ڪري ورتو، پهرين مرحلي تي فرنٽ لائن ورڪرز ۽ 65 سالن  جي پوڙهن کي ويڪسين لڳائي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي صحت وارِي پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين لاءِ حڪومتي طور تي حڪومت ٻن وڏين فارماسيوٽيڪل ڪمپنين سان رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دوا جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي، تمام جلد پاڪستان ويڪسين جي ايڊوانس بڪنگ لاءِ پئسا به ڏيندو. نوشين حامد چيو ته پهرين مرحلي ۾ هڪ ڪروڙ پاڪستانين کي ويڪسين لڳندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.