سنڌ ۾ ڪورونا جا 904 نوان ڪيس، وڌيڪ 9 مريض فوت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 مريض فوت ٿي ويا ۽ 904 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد  علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال ميڊيا سان ونڊيندي چيو آهي ته وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيڻ سان انگ وڌي 2760 ٿي ويو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 12430 ٽيسٽن ڪرڻ سان 904 نوان ڪيس سامهون آيا جنهن کانپوءِ مثبت انگ 157432 تائين پهچي ويو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جنهن کانپوءِ انگ 2760 ٿي ويو آهي جيڪو 1.8 سيڪڙو فوتگي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 12430 نمونا ٽيسٽ ڪيا وئي جن مان 904 ڪيس پڌرا ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 7.3 سيڪڙو آهي. 904 نون مريضن مان 610 ڪراچي سان تعلق رکندڙ آهن ،جڏهن ته حيدرآباد ۾ 86 ۽ شڪارپور 26، لاڙڪاڻو 20، شهيد بينظير آباد 19، ڪشمور 18، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص 10-10، عمرڪوٽ 9، بدين 8، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ ٽنڊوالهيار 7-7، دادو 4، خيرپور ۽ ٺٽو 3-3، ڄامشورو، سانگهڙ ۽ سکر 2-2، قمبر ۽ مٽياري هڪ هڪ ڪيس آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي ماڻهن تي زور ڀريندي چيو آهي ته هٿن کي سيني ٽائز ڪرڻ يا وقفي وقفي سان ڌوئڻ، ماسڪ پائڻ ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪندي پاڻ سميت ٻين کي محفوظ رکو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.