گلگت ۾ ڌانڌلي نه ٿئي ها ته پ پ حڪومت ٺاهي ها: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي نه ٿئي  ها ته پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهي ها.،هن اهڙو بيان گلگت بلتستان چونڊن بابت پنهنجي آفيس مان جاري ڪيو. هن  چيو ته انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپنين سروي موجب پي پي پي 25 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پي ٽي آءِ کي پيپلز پارٽي  کان گهٽ 24 سيڪڙو ووٽ مليا. هن چيو ته سمورين ڌانڌلين ۽ رياستي طاقت استعمال ڪرڻ جي باوجود تحريڪ انصاف 24 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ڌانڌلي ڪري وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سيليڪٽڊ حڪومت گهر موڪليو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.