بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز پاران گلگت چونڊن ۾ ڌانڌلي جي مذمت

لاهور ( م ڊ )  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي،  ٻنهي گلگت جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي مذمت ڪئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌانڌلي باوجود اپوزيشن جماعتن جو حڪومتي اتحاد کان وڌيڪ ووٽ کڻڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي عدم مقبوليت جو ثبوت آهي. مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان جو عوام اپوزيشن جي بيانئي سان گڏ بيٺل آهي. ٽيليفونڪ رابطي دوران بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز پاران جلد ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.