مڱيندي جو آمريڪا سان واسطو نه آهي: بختاور ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  ۽ شهيد بينظير ڀٽو  جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو  آهي ته  بدقسمتي سان منهنجي مڱڻي جا ڪارڊ وقت کان اڳ ميڊيا تي ليڪ ٿي ويا. هن چيو ته سندس مڱڻي جا ڪارڊ طئي ٿيل شيڊول کان اڳ ميڊيا تي ليڪ ٿيا. هن چيو ته نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ وارن جي ٿورائتي آهيان پر  ميڊيا ۾ آمريڪا جي هڪ مشهور ڪٽنب جو واسطو مونسان ڳنڍيو پيو وڃي پر ائين نه آهي، منهنجي مڱيندي جو واسطو دبئي سان آهي، اميد آهي ته هن وضاحت بعد غلط فهميون ختم ٿينديون. هوڏانهن  پاڪستان پيپلزپارٽي بختاور ڀٽو جي مـڱڻي جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي پي پي ميڊيا سيل جو چوڻ آهي ته مڱڻي جي حوالي سان سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ متضاد خبرون سامهون اچي رهيون آهن جنهن سبب هي بيان جاري ڪيو پيو وڃي.جاري بيان ۾ بختاور ڀٽو جي مڱڻي 27 نومبر تي محمود چوڌري سان ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته محمود چوڌري لاهور جي پراڻي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ محمد يونس ۽ بيگم ثريا محمود جو پٽ آهي.محمد يونس 1973 دوران گڏيل عرب امارات هجرت ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪنسٽرڪشن ۽ ٽرانسورٽ بزنس کي ڪامياب ڪيو، پنج ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان ننڍو محمود چوڌري 28 جولاءِ 1988 تي ابوظهبي ۾ پيدا ٿيو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته محمود پرائمري تعليم ابوظهبي جڏهن ته سيڪنڊري تعليم برطانيا مان حاصل ڪئي، محمود چوڌري قانون جي وڌيڪ تعليم يونيورسٽي آف ڊرهم انگلينڊ مان حاصل ڪئي، محمود خاندان جي رهائش متحده عرب امارات ۾ ڪنسٽرڪشن، فناننس ۽ ٽيڪنالوجي جو بزنس سنڀالي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.