حڪومت ڪورونا، دهشتگردي جو خوف پکيڙي جلسن کان نٿي روڪي سگهي: نفيسا شاهه

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي  پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان سياسي جلسا جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪورونا،  نيب ۽ دهشتگردي جو  خوف پکيڙي مخالف ڌر کي جلسن کان روڪي نه ٿي سگهي، حڪومت سياسي جلسن تي پابندي لڳائي غلط عمل ڪيو آهي. ڪالهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ صوبائي وزير شهلا رضا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري نفيسا شاهه چيو ته  پي ڊي ايم ڪورونا سبب ايس او پيز جو خيال ڪندي سياسي  جلسا ضرور ڪندي، هن چيو ته حڪومت گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ڪئي آهي، ان ڪري اتان جي چونڊ نتيجن کي رد ڪيون ٿا، هن چيو ته ڪنٽينر تي چونڊ ڌانڌلي جو روڄ راڙو ڪندڙن ان وقت ڪهڙا ثبوت ڏنا هئا،جيڪو هاڻي ثبوت گهري رهيا آهن، نفيسا شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بختاور ڀٽو جي مڱڻي جي حوالي سان ٿي سگهي ٿو ته سوشل ميڊيا تي مهم ۾ پي ٽي آءِ جو هٿ هجي، جن کي پنهنجي نياڻين سان محبت هوندي آهي، اهي ٻين جي نياڻين کي عزت ڏيندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.