زيادتي ڪيسن جي جديد طريقي سان جاچ لاءِ تجويزون طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عورتن سان زيادتي ڪيسن  ۾ جاچ جي جديد طريقي ڪار جي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران سڌارن واري ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ميمبر پيش ٿيا .ايڊيشنل پوليس سرجن ۽ ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر سميعه عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسرن صرف ڊي اين اي تي ڀاڙي رهيا آهن .ڊي اين اي جي ڪري پوليس اهم ثبوت نظر انداز ڪندي آهي، صحت ادارن جي قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته  فنگرز ٽيسٽ جو طريقي ڪار 10سال اڳ ختم ڪري ڇڏيو آهي .اسان وٽ ڪيتريون ليڊي ايم ايل اوز ٽوفنگرز ٽيسٽ تي ڀاڙينديون آهن، عدالت ڪميٽي کي جامع رپورٽ ۽ تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت صحت کاتي کي ڪميٽي سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.