کنڀيلن جي آزادي لاءِ پنڌ مارچ سجاول پهچي ويو، آجيان

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو)کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان نڪتل لانگ مارچ قافلو انعام  عباسي جي اڳواڻي ۾ سجاول پهتو، قافلي ۾ شريڪ شازيا چانڊيو سندس امڙ مختيار بيگم، فيصل آرائين جي امڙ بشيران آرائين، جست اڳواڻ مختيار سومرو، صحافي رزاق عاصي، نور باگڙي، وقار ڪانڌڙو، نصيب کوسو ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسين فقط هڪڙو ئي مطالبو کڻي نڪتا آهيون ته بنا جواز کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ اسان جي پيارن کي آزاد ڪيو وڃي، سجاول پريس ڪلب تي سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان جي پيارن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان کنڀي گم ڪرايو ويو آهي، انڪري اسان جو لانگ مارچ راولپنڊي طرف وڌي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.