اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ نه آهي: پاڪستان

اسلام آباد ( ۾ ڊ )  پرڏيهي وزارت اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان مٿان دٻاءَ واريون ميڊيا جون رپورٽس جي ترديد ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ بابت وزيراعظم تي آمريڪي دٻاءَ جون خبرون  بي بنياد آهن، وزيراعظم واضح ڪري چڪو آهي ته فلسطين جي مسئلي کي حل ڪرڻ تائين اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري سگهان.ترجمان چيو ته وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پاليسي قائداعظم جي ويزن تي ٻڌل آهي، وزيراعظم جي واضح موقف کانپوءِ بي بنياد افواهه پکيڙڻ جي گنجائش ناهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1967 کان پهريان جي سرحدن ۽ دارالحڪومت القدس تي ٻڌل فلسطين جو حامي آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي.ياد رهي ته بحرين، متحده عرب امارات ۽ سوڊان اسرائيل سان لاڳاپن واري معاهدي تي صحيحون ڪري چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.