سينيٽ چونڊ طريقيڪار ۾ ترميم لاءِ مخالف ڌر کان مدد طلب، اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم جو اعلان

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي ڪابينا ڪورونا دوائون ٻاهران گهرائڻ تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم سينيٽ چونڊ هٿي ڪري ڪرڻ جي ترميم لاءِ مخالف ڌر کان به مدد گهري ورتي آهي، وزيراعظم  اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻڻ جو اعلان جو چوڻ آهي ته اهڙيون چونڊون چاهيون ٿا جنهن کي کٽيندڙ توڙي هارائيندڙ ٻئي ڌريون قبول ڪن. اجلاس ۾ ڪورونا تي ڳڻتي ڏيکاريندي ڪورونا جي علاج لاءِ ٻاهران گهرائجندڙ دوائن تي ڊرآمدي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق ڏيڻ لاءِ به قانونسازي جو اعلان ڪيو.  وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو رهيو آهي. خاص ڪري ننڍن صوبن ۾ ايم پي ايز کان ووٽ خريديا وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته سينيٽ چونڊون هٿ مٿي ڪري ڪرائڻ چاهيون ٿا، ان بابت ترميم لاءِ گهربل اڪثريت ناهي، ان ڪري سينيٽ ۾  پئسو هلڻ جو الزام هڻندڙ مدد ڪن. عمران خان چيو ته هن ڪرڪيٽ ۾ اڻ ڌريا امپائر آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، سياست ۾ به جديد ووٽنگ نظام آڻڻ جو ارادو رکي ٿو، هن چيو ته انهن پاڻ به ڌانڌلين خلاف جدوجهد ڪئي هئي. عمران خان جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جو واعدو پورو ڪنداسين، گلگت ۾ ٿڌ باوجود ماڻهن ووٽ وڌو، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۽ سينيٽ جو اليڪشن به اچڻو آهي، سينيٽ چونڊون شو آف هينڊ ٿين ۽ ان لاءِ ترميمون آڻي رهيا آهيون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.