ٽن سالن تائين صوبي ۾رهندڙ ڊوميسائيل جو حقدار آهي: اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف درخواست تي  سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان 2 ڊسمبر تائين  حتمي دليل طلب ڪري ورتا آهي ، درخواستگذار متحده اڳواڻ خواجه اظهارعدالت ۾ پيش ٿي  عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هي صوبي جي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ٻن کان ٽن هزار رپين ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺهن ٿا، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته قانون ۾ ته رڳو هڪ ئي ڊومسائيل جي اجازت آهي، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته 3 سالن تائين رهندڙ شخص ان صوبي جو ڊوميسائيل ٺهرائي سگهي ٿو، عدالت چيو ته ان شهري جو اڳ ٺهيل ڊوميسائيل ڪير رد ڪندو؟.خواجا اظهارالحسن چيو ته 2کان 3هزار جعلي ڊوميسائل ٺاهيا ويندا آهن .هن چيو ته سنڌ کي شهري ۽ ٻهراڙي ۾ ورهايو ويو آهي .اربن ۾ ڪراچي .سکر، حيدر آباد سميت ٻيا شهر آهن، هن چيو 40  سيڪڙو اربن ڪوٽا ۽ 60سيڪڙو رورل ڪوٽا آهي .درخواست گذار وڌيڪ چيو ته 20هزار نوڪريون جعلي ڏنيون ويون آهن .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.