نيب طرفان آدم جوکئي بابت انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سوسائٽي جي نالي تي عوام کان فراڊ  ۽سرڪاري زمينن جي چائناڪٽنگ ڪرڻ واري معاملي ۾ جوابدار آدم جوکيو جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي .عدالت کان نيب جاچ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مهلت گهري ورتي آهي، جاچ آفيسر چيو ته جاچ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مهلت ڏني وڃي .جوابدار جي خلاف انڪوائري هلي رهي آهي .عدالت آدم جوکيئي جي خلاف انڪوائري جلدي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .ڪيس جي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .آدم جوکي جي خلاف سرڪاري ٻه سئو ايڪڙکان وڌيڪ زمين جي چائنا ڪٽنگ خلاف انڪوائري هلي رهي آهي 2012ع ۾ پلي بارگين ٿي چڪي آهي، ان جي باوجود نيب انڪوائري شروع ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.