جبري مذهب تبديلي جي وضاحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪندي

اسلام آباد ( م ڊ ) مذهب جي جبري تبديلي جي حوالي سان اقليتن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل پارلياماني ڪميٽي مشاهدي جي روشني ۾ چيو  آهي ته جبري ۽ مرضي سان مذهب تبديل ڪرڻ جي  حوالي سان وضاحت ٿيڻ گهرجي. ڪميٽي جي چيئرمين انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس دوران ميمبرن کي آگاهه ڪيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل  کي اڳ ۾ ئي جبري مذهبي تبديلي حوالي سان وضاحت لاءِ هڪ مسودو تيار ڪرڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي ڏنو ويو آهي. ڪائونسل جي ريسرچ ونگ اڳ ۾ ئي ان تي ڪم ڪري رهي آهي.اجلاس ۾ ڪجهه ميمبرن جبري مذهب تبديلي بابت ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي رپورٽن جو حوالو ڏنو،  ڪميٽي جي چيئرمن چيو ته جبري تبديلي ۽ ٻين معاملن ۾ فرق آهي، جيئن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي لالچ ڏيڻ  يا ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو موجوده صورتحال کان فرار ٿيڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.