ڪراچي ۾ ڪپڙي جي گدام کي باهه، ڪروڙن جو نقصان

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي شير شاهه واري علائقي ۾ ڪپڙي جي گدام کي باهه، 6  ڪلاڪن جي جدو جهد بعد باهه وسائي وئي، ڪروڙين رپين جو نقصان، گذريل اڱاري واري رات ديرسان ڪراچي جي شيرشاهه واري علائقي ۾ قبرستان ويجهو واقع ڪپڙي جي گدام کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائربرگڊ جي 7 گاڏين پهچي باهه تي ضابطي جي ڪوشش ڪئي، فائربرگيڊ عملي موجب گدام ۾ ڪپڙو موجود هو جنهن سبب باهه جي شدت وڌي، باهه وسائڻ دوران پاڻي کُٽي وڃڻ ڪري پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، رات جي وقت لڳل باهه صبح جو مڪمل وسائي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته باهه لڳڻ سبب گدام ۾ رکيل ڪروڙين رپين جو ڪپڙو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم ٿي ناهن سگهيا.

فيصل واوڊا جي فنڊ سان  ٺهندڙ روڊ ۾ ڪرپشن جو الزام

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تڪ ۾ ٺهندڙ روڊ جي اڏاوتي ڪم ۾ بيقاعدگين جي الزام بعد عدالت پي ڊبليو ڊي سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتوآهي ، درخواستگذارايڊووڪيٽ قادر مندو خيل پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته  اين اي 249 ۾ 100 فوٽ روڊ ٺهڻو هو پر رڳو 20 فوٽ ٺهي رهيو آهي، 43ڪروڙ جي فنڊ سان روڊ ٺاهڻو هو پر ايم اين اي فنڊز ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، پي ڊبليو ڊي هڪ وفاقي ادارو آهي ڇڏهن ته ايم اين اي به وفاقي حڪومت سان تعلق رکندو آهي .عدالت ڌرين کان ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي .

تشدد ۾ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻ وومين پروٽيڪشن جو ڪوآرڊينيٽر مقرر

ساهيوال ( م ڊ )  عورتن کي هراسان ڪندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر  پنجاب وومين پروٽيڪشن ساهيوال مقرر ڪيو ويو، جنهن تي ڇتي تنقيد بعد مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو. ساهيوال ۾ عورتن کي هراسان ڪندڙ مقامي اڳواڻ نويد اسلم کي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر پنجاب وومين پروٽيڪشن ساهيوال مقرر ڪيو ويو. نويد اسلم تي ليڊي پوسٽ آفيس آفيسر کي چماٽ وهائڻ تي ڪيس به داخل آهي، جنهن ۾ هن عبوري ضمانت به حاصل ڪئي آهي. متاثر عورت چيو آهي ته جيڪو شخص عورتن تي تشدد ڪري، اهو عورتن جو تحفظ ڪيئن ڪندو.

رمانڊ تي جيل موڪليل ٽن جوابدارن کي ڪورونا، اسپتال منتقلي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ اولهه ضلعي جي عدالت ۾ جيل مان  پيش ڪيل جوابدارن  عدنان، جاويد رند ۽ نواز کي ڪورونا آهي .عدالت ٻه ڏينهن رمانڊ ڏنو هو ته ڪورونا جو انڪشاف ٿيو .عدالت جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو هو .پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن کي جيل رکڻ کان اڳ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي، عدالت جو جوابدارن کي اسپتال داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ٺٽي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 11 ڪيس

ٺٽو/جمهپير(نمائندا) ٺٽي ضلعي اندر ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ 11 ڄڻا ڪورونا ۾ وٺجي ويا، گھرن ۾ آئيسوليٽ ٿي ويا. خبر موجب صحت کاتي ٺٽي جي جوڙيل ٽيم پاران يوسي جھمپير جي مختلف ڳوٺن ۾  ڪرونا وائرس جي ڪيل 258 ٽيسٽن مان 11 ڄڻن جون ٽيسٽون پازيٽو اچي ويون، کين گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي،ڳوٺ سليمان پالاري ۾ ھن وقت تائين ڪورونا جي ڪيسن جو تعداد وڌي 7 ٿي ويو آھي.

ميرپورخاص ۾ ٻارن سميت وڌيڪ 9 ڄڻن کي ڪورونا

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)ميرپورخاص ۾ به ڪورونا جي ٻي لهر ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجڻ لڳو آهي  صحت کاتي پاران 16 نومبر تي ضلع جي مختلف اسڪولن، آفيسن ۽ عام رهواسين جي 454 ٽيسٽن مان ميرپورخاص جي رهواسين 4 ورهين جي شهزاد، 10 ورهين جي جنيد جاويد، 9 ورهين جي مبشر صلاح الدين، 10 ورهين جي بلال رسول، 12 ورهين جي رُباب وسيم، صفدر اقبال، مصري، نظيران، ۽ عبدالعزيز سميت 9 رهواسين کي ڪورونا جو شڪار ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي آهي، ميرپورخاص شهر ۾ وڌندڙ ڪورونا جي ڪيسن سبب رهواسين ۾ ڳڻتي جي لهر وڌيل آهي ان باجود عام رهواسي سميت سرڪاري توڙي خانگي ادارن، مارڪيٽن، دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ ايس او پيز تي عمل نه هجڻ جي برابر آهي.

ڇاڇرو هاءِ اسڪول جا 6 شاگرد ڪورونا ۾ مبتلا

ڇاڇرو(ن ع آ) ڇاڇرو جي ھائيرسڪنڊري اسڪول جي 6 شاگردن جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي، شاگردن ۾ عبدالرحمن،  وقار، ڪيلاش ڪمار، عمران  علي ، انور علي ۽ ساجد جي ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ بعد شاگردن کي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن تي ڇاڇرو ۾ گذريل ٻن ڏينهن ۾ ست شاگرد ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.