ڊي سي ڄامشورو کان عوامي ڀلائي لاءِ جاري رقم جا تفصيل طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خانگي تيل ڪمپني خلاف توهين عدالت واري ڪيس ۾ ڊي سي ڄامشورو کان عوامي ڀلائي لاءِ جاري  ٿيل رقم جا تفصيل گهري ورتا، ٻڌڻي دوران ڪمپني انتظاميا جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڪمپني ۽ ڊي سي ڄامشورو جو گڏيل اڪائونٽ آهي، جنهن ۾ رقم منتقل ڪئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته ڪمپني مقامي ماڻهن کي روزگار ڏئي رهي آهي نه وري ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو ويو آهي.هاءِڪورٽ 24ڊسمبر جو سموري رقم ڊي سي جامشوري وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏنو هو ،حڪم جي باوجود رقم جمع نه ڪرائي وئي آهي، غلام حسين ٻٻر درخواست جي ٻڌڻي عدالت 3ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.