پاڪستان جي خوشحالي جمهوريت سان ڳنڍيل آهي: آرمي چيف

ڪوئيٽا(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن بلوچستان جي ترقي لاءِ مربوط  ڪوششون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران بارڊر تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جي اهميت اجاگر ڪئي، هن چيو ته بلوچستان ۾ امن استحڪام پاڪستان جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي، ملڪ دشمن عنصر دهشتگردي ۽ افراتفري کي صوبي ۾ هوا ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان جو امن۽ خوشحالي جمهوريت ۽ ان جي قدرن سان جڙيل آهي، ڪوئيٽا سيف سٽي پراجيڪٽ سميت ٻين منصوبن سان بوچستان ۾ سيڪيورٽي تي مثبت اثر پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.