بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ، ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل جي نئين چيمپيئن

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز مقابلي بعد لاهورڪنگز کي  5 وڪيٽن تان هارائي پاڪستان سپرليگ  جي نئين چيمپيئن  بڻجي وئي، بابر اعظم شاندار بيٽنگ ڪندي 63 رنسون ٺاهيون،  پاڪستان سپر  ليگ جي پنجين ايڊيشن جي فائنل ۾ لاهور قلندر جي ٽيم وڏي ميچ جو پريشر برداشت نه ڪندي رڳو134 رنسون ٺاهي سگهي، ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندر جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، تميم اقبال ۽ فخر زمان اوپنگ ڪندي 68 رنسون ٺاهيون، تميم اقبال 38 بالن تي 35 ۽ فخر زمان  24 بالن تي 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ٻنهي کي افتخار ڪيچ ڪيو، ٻئي وڪيٽون عميد آصف ورتيون. اوپنرن جي آئوٽ ٿيڻ بعد لائن لڳي وئي، ڪو به بيٽسمين گهڻي دير بيهي نه سگهيو، لاهور قلندر مقرر 20 اوورن ۾ 134 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ان جا 7 رانديگر آئوٽ ٿيا.ڪراچي طرفان وقاص مقصود، ارشاد اقبال ۽ عميد آصف 2 – 2 وڪيٽون ورتيون.جڏهن ته  ڪراچي ڪنگز طرفان شرجيل خان ۽ بابر اعظم اننگ اوپن ڪئي،23 جي اسڪور تي شرجيل خان 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو،ايلڪس هيلس 11 رنسون ٺاهي سگهيو، ان وقت اسڪور 49 هو، بعد ۾ بابر اعظم ۽ والٽن سٺي بيتنگ ڪندي 110 تائين پهچايو، والٽن 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان دوران بابر اعظم شاندار ففٽي به مڪمل ڪري ورتي،  افتخار 4 رنسون ٺاهي سگهيو، روٿرفورڊ بنا اسڪور جي آئوٽ ٿي ويو، بابر اعظم شاندار بيٽنگ ڪندي 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪراچي ڪنگز گهربل ٽارگيٽ 19 هين اوور جي چوٿين بال تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بابر اعظم کي مين آف دي ميچ سان گڏ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

شاهد آفريدي کي آئوٽ ڪرڻ بعد احترام، حارث رئوف ”جينٽلمين“ گيم جو مثال

ڪراچي ( رپورٽر )  پي ايس ايل جي ايلمنيٽر ٽو ۾ لاهور قلندرز جي فاسٽ بالر حارث رئوف جو شاهد آفريدي کي بولڊ ڪرڻ بعد  احترام وارو رويو سوشل ميڊيا تي وائرل رهيو. حارث رئوف ملتان سلطانز جي رانديگر ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کي پهرين ئي بال تي ٻڙي تي ان سوئنگ يارڪر سان بولڊ ڪيو، جنهن بعد هن خوشي ملهائڻ بدران احترام ۾ شاهد آفريدي کي ٻانهون ٻڌيون. حارث رئوف موجب شاهد آفريدي اسان جي ٽيم جو سپر اسٽار رهيو آهي، سندس احترام لاءِ هن کيس ٻانهي ٻڌي. سوشل ميڊيا تي حارث رئوف کي ”جينٽل مين” قرار ڏنو ويو آحي.

لاهور قلندرز جو چيئرمين راڻا فواد پنهنجي امڙ کي ياد ڪري روئي ويٺو

ڪراچي ( م ڊ ) لاهور قلندرز جو چيئرمين راڻا فواد پنهنجي امڙ کي ياد ڪري روئي ويٺو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ هن پنهنجي امڙ کي  ياد ڪري جذباتي ٿي ويو. فواد رانا چيو ته امڙ جي دعائن سبب زندگي ۾ ڪاميابي ملي آهي، هو پنهنجي امڙ کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي.

ڏکڻ آفريقي ڪمينٽيٽر جونٽي رهوڊز فائنل ۾ سنڌي ٽوپي پائي شريڪ

ڪراچي ( رپورٽر ) پي ايس ايل جي فائنل ۾ ڪمنٽري پينل جي ميمبرن قومي لباس پهري شرڪت ڪئي. پي سي بي موجب  انگلش ڪمينٽر ڊومينڪ ڪارڪ شلوار قميص سان گڏ جناح ڪيپ پاتي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ڪمينٽيٽر جونٽي رهوڊز ڪاري ۽ اڇي رنگ جي شلوار قميص ۽  سنڌي ٽوپي پائي شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.