سماج ۾ ڏينهون ڏينهن حيوانيت وڌڻ لڳي، نمرا کي ڀاءُ لڄالٽ بعد قتل ڪيو: پوليس

نوابشاهه/ڄام صاحب(ڊ ر+م ڊ) ٽي ڏينھن اڳ ڄام صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن رند ۾ 13 ورھين جي نينگري نمرا کي ساڙي قتل  ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش جي بي حرمتي ۽ تذليل ڪرڻ واري واقعي ۾ پوليس نمرا رند جي ٻن ڀائرن والد ، مڱيندي ۽ ٻين کي حراست ۾ ورتو آھي ۽ امڪان آھي ته 24 ڪلاڪن جي اندر نمرا رند جي قتل ۾ ملوث جوابدار ظاھر ڪندي ٻئي طرف ڄام صاحب ٿاڻي جي ايس ايڇ او آصف پيچوهو چيو آهي ته واقعي جي هر رُخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون ، هوڏانهن ناري نمرا رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ پاران انيلا رفيق ملاح، رفيق ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڄام صاحب ۾ اغوا بعد باھه ڏئي ساڙي بيدرديءَ سان قتل ٿيل نمرا رند جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ھنن چيو ته آصف علي زرداري جي تڪ ۾ ھن افسوسناڪ واقعي تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ھا ،هوڏانهن پوليس موجب گرفتار جوابدار افتخار رند ڀيڻ سان ناجائز لاڳاپا هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي پوليس موجب گرفتار جوابدار افتخار رند ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀيڻ سان سندس ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هو ڀيڻ کي زبردستي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو هو، جوابدار جو چوڻ آهي ته کيس ڊَپ هو ته ڀيڻ سندس خلاف والد کي شڪايت ڪندي، جنهن تان هُن کيس قتل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.