عليشا جي صحت ۾ سڌارو نه آيو، 24 ڪلاڪ اهم قرار

ڪراچي (رپورٽر)ڪشمور ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري جي صحت ۾ سڌارو نه آيو، ڊاڪٽرن پاران ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم قرار، اين  آءِ سي ايڇ جي گائني جي ڊاڪٽرن پاران لاڙڪاڻي ۾ ٿيل آپريشن دوران لڳل ٽانڪا کلي وڃڻ ۽ وڌيڪ هڪ انفڪيشن جي تصديق، ڪشمور ۾ وحشي درندن هٿان جنسي ڏاڍ جو نشانو بڻيل 4 سالن جي معصوم نينگري جي طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي، ان ڏس ۾ اين آءِ سي ايچ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جمال رضا ٻڌايو ته نينگري جو ڪالهه گائني جي ڊاڪٽرن جي ٽيم سميت اين آءِ سي ايچ جي ڊاڪٽرن معائنو ڪيو هو ۽ سندس ٿيل سرجري کي ڏٺو ويو ته هن جا ٽانڪا ڪجهه خراب ٿيل هئا، جيڪي ٻيهر لڳايا ويا آهن جڏهن ته زخم جي صفائي به ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽر ٻڌايو ته آپريشن واري هنڌ تي به انفڪيشن ٿي ويو آهي، جنهن جو علاج ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته في الحال نينگري کي رڳو ميڊيسن تي رکيو ويو آهي ۽ کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.