ڏهرڪي ۾ روح رنجائيندڙ واقعو، ماءُ ۽ ڌيءَ سان هڪ سال تائين لڄالٽ جو انڪشاف

ڏهرڪي(رپورٽ: اسد لغاري) ڏهرڪي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو ماءُ ۽ 9 سالن جي معصوم  ڌي کي مبينا اغوا ڪري هڪ سال تائين لڄالٽ جو انڪشاف،ڌيءَ ۽ پنجن سالن جي پٽ کي ڇڏيو ويو،نينگري پيءُ وٽ پهچي  لڄالٽ جو انڪشاف ڪيو،ماءُ اڃان تائين قيد ،پورهيت هڪ سال تائين پوليس  جا چڪر ڪاٽيندو رهيو ،ڪيس به داخل نه ٿيو هيو،خبر موجب ڏهرڪي ڀرسان نهال واهه واري علائقي ۾ جهوپڙي ۾ رهندڙ پورهيت محمد علي شيخ جي زال رابعه بيبي 9 سالن ڌيءَ آمنه بيبي ،پنج سالن جي پٽ عمر شيخ کي مبينا اغوا ڪيو ويو هيو ،جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پورهيت محمد علي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ۽ ڏهرڪي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيندو رهيو پر غريب هجڻ ڪري ڪنهن به مدد نه ڪئي،پورهيت شهرين کان خيرات وٺي پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي ڳوليندو رهيو ،پر ڪٿان به ڏس نه مليو ،گذريل ڏينهن نينگري آمنه ۽ پنج سالن جو پٽ عمر گهر پهچي ويا ، عوامي آواز سان ڳالهائيندي نينگري آمنه بيبيي ٻڌايو ته اسان کي ڏهرڪي واسي نظير ۽ ان جا پٽ قربان ۽ شمن گهران اغوا ڪري ويا ،امڙ سان شمن لڄالٽ ڪندو هيو ۽ مونسان قربان لڄالٽ ڪندو هيو ،علائقي جي ڪا خبر نه هئي اسان کي گهر ۾ قيد ڪري رکيو ويندو هيو ،هن چيو ته اسان کي ڪشمور ۾ ڇڏيو ويو،هاڻي پنهنجي پيءُ وٽ پهتي آھيان ،محمد علي شيخ عوامي آواز سان ڳالهائنيدي چيو ته منهنجي معصوم نياڻي کي لڄالٽ جو نشانو بڻائي جوابدارن انسانيت کي لڄايو آھي مونسان انصاف ٿيڻ گهرجي، ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن الزام هيٺ ڌر جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.