اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي تي انعامن جو مينهن وسي پيو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪشمور ۾زيادتي جو نشانو بڻيل 4 ورهين جي نياڻي عليشاهه کي وحشي جوابدارن وٽان ڇڏائيندڙ اي ايس آءِ  محمد بخش ٻرڙي  جي اعزاز ۾ ڪراچي اولهه زون پوليس پاران شاندار تقريب رکي وئي، جنهن ۾ پارليامينٽيرين، سياسي سماجي اڳواڻن ، واپارين، شهرين ۽ پوليس ملازمن  جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شهرين دل کولي تحفا ڏنا، تحفن واري ڪائونٽر تي موٽر سائيڪل، ڪپڙن ۽ ٻين شين جا ڍير لڳي ويا، تقريب دوران محمد بخش ٻرڙي جي نياڻي جي شادي لاءِ واپاري ايسوسيئشن پاران فرنيچر ۽ ڏاج ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، اي ايس آءِ لاءِ 13 لک 20 هزار رپين کان وڌيڪ روڪ رقم تحفي طور ڏني وئي، ٿقريب جي پڄاڻي تي گڏ ڪيل تحفا اي ايس آءِ ۽ سندس گهر وارن کي ڏنا ويا. ڊي آءِ جي اولهه عاصم قائم خاني گڏ ٿيل روڪ رقم سان ڀريل بريف ڪيس محمد بخش ٻرڙي جي حوالي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.