شهدادڪوٽ: ڪاليج جي پلاٽ لاءِ پروفيسر جي جدوجهد ڪامياب

شھدادڪوٽ ( ڊر) 2 ھفتا اڳ بوائز ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ جي تڪراري پلاٽ واري معاملي تان مگسي برادري جي ھٿياربندن پاران   ڪاليج جي پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو مٿان ڪيل وحشياڻي تشدد واري واقعي کان پوءِ پوري سنڌ جي ساڃاھ وندن سميت شھدادڪوٽ ڪاليج جي استادن ۽ شھر جي سياسي،سماجي تنظيمن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل ھئي جڏهن ته پروفيسر تي ڪيل تشدد ۽ ڪاليج جي پلاٽ تان لينڊ مافيا جو قبضو ختم ڪرائي پلاٽ کي قانوني شڪل ڏيارڻ لاءِ شھر جي ساڃاھ وندن توڙي ڪاليج جي استادن گڏيل احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ھو ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي جي سخت ھدايتن کان پوءِ روينيو کاتي شھدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر سجاد حيدر قادري  ڪاليج جي حق ۾ پلاٽ جي داخلا رکي ڇڏي آهي جنهن جي ڪاپي ڪاليج انتظاميا کي پڻ ڏني آهي،ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي لينڊ مافيا ھٿان تشدد جو شڪار ٿيل پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو چيو ته ڪاليج جي پلاٽ واري قانوني ويڙهه منهنجي اڪيلي سر نه پر شھدادڪوٽ جي سموري شعور جي گڏيل ويڙهه ھئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪاميابي ملي آهي ،ھن چيو ته ڪاليج جو پلاٽ مستقبل جي معمارن جي امانت ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.