سکر ۾ آبپاشي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي سکر ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تي ٿيل غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ  ضلعي انتظاميه ۽ آبپاشي کاتي پاران شروع ڪيل آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، پوليس ۽ هيوي مشينري جي مدد سان ضلعي انتظاميه بئراج ڪالوني ۽ ورڪشاپ روڊ تي ڪاروائي ڪندي اتي قائم دڪان ۽ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، علائقي واسين پاران گهر ۽ دڪان ڊاهڻ تي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي جنهن تي پوليس احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته قبضا هٽائڻ لاءِ جاري آپريشن جي نگراني ڊي سي سکر راڻا عديل ڪري رهيو هو جنهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت غير قانوني قبضا ختم ڪرايا پيا وڃن ڪنهن به قبضي ڪندڙ سان رعايت نه ڪئي ويندي، انتظاميه طرفان قبضو ڪندڙن جي گهرن ۽ دڪانن تي نشان لڳايا ويا آهن هن چيو ته متاثرن کي متبادل جڳهه ڏيڻ جو اڃا ڪوبه فيصلو ناهي  ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.