ڪراچي ۾ مڪاني کاتي ملازمن جو احتجاج، حڪومت کي مهلت

ڪراچي (رپورٽر) لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي سڏ تي سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگهارون  ٽريزري ذريعي آن لائين ڏيڻ واري مطالبي جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ۽ سيڪريٽري بلديات جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻا هنيا، رات دير سان مطالبا منظور ٿيڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.  آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سنڌ جي سڏ تي مختلف ضلعن کان آيل مڪاني کاتي جي ملازمن پگهارون پاران ٽريزري ذريعي آن لائين ڏيڻ سميت 13 نڪاتي چارٽر آف ڊمانڊ تي عملدرآمد ڪرڻ واري مطالبي جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻي باوجود اختيارين پاران ڪوئي نوٽيس نه وٺڻ بعد ۽ ملازمن سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن مارچ شروع ڪيو ته پوليس اهلڪارن ملازمن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي ملازمن جون پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون. اطلاع تي سيڪريٽري بلديات ملازمن کي ڳالهين لاءِ پنهنجي آفيس سڏائي ورتو، ملازمن جي طرفان 10 رڪني وفد سيڪريٽري بلديات سان ڳالهيون ڪيون. رات دير تائين ڳالهيون جاري هيون. آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي چيئرمين حفظ مشتاق ڪوريجو، صدر سيد ذوالفقار شاهه، جنرل سيڪريٽري اڪرم راجپوت، شاهه لطيف ايپلائيز يونين سنڌ جو صدر نياز حسين ٻٻر، ڪرم علي برهماڻي، غلام علي ملاح ۽ ٻين ملازمن جو چوڻ هو ته آن لائين پگهارون نه ٿيڻ سبب شديد پريشان آهيون، سنڌ حڪومت مراعتن جي ادائگي جي ڪائي تاريخ مقرر نه ڪئي آهي، سنڌ حڪومت جي سمورن ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري ذريعي اچي ٿي پر لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون ٽريزري ذريعي نه ٿيون اچن. هوڏانهن رات دير سان ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.