ڄام صاحب: نِرما رند واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو، ناري جو ڀاءُ ئي سندس قاتل نڪتو

ڄام صاحب ڀرسان باھ ڏئي ساڙي بيدرديءَ سان قتل ڪيل نرما رند واقعو نئون رُک اختيار ڪري ويو، واقعي بابت لڱ ڪانڊاريدڙ انڪشاف سامهون اچي ويا ، چار ڏينهن اڳ ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ محمد حسن رند ۾ ساڙي بيدرديءَ سان قتل ٿيل 14 ورھين جي ناري نرما رند جو قاتل سندس سڳو ڀاءُ افتخار رند نڪتو جنھن کي پوليس گرفتار  ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي ، پوليس پاران ڪيل شروعاتي جاچ ۾ جوابدار اعتراف ڪيو آھي ته هن جا پنھنجي ڀيڻ نرما سان جنسي لاڳاپا ھئا ۽ هو  پنھنجي ڀيڻ سان ڪيترائي ڀيرا جنسي زيادتي ڪري چڪو هو  پر کيس دل ۾ خوف ھيو ته ڪٿي هن جي ڀيڻ والدين کي ٻڌائي نه ڇڏي جنھن ڪري هن ڀيڻ کي گھر ۾ قتل ڪري بعد ۾ ساڙي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو.

رپورٽ-نذير ڏاھري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.