گهوٽڪي: ميونسپل ڪميٽي جو سي ايم او رولو ڪتا مارڻ لاءِ پسٽل کڻي نڪري پيو

گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي جو سي ايم او نادر شاهه امروٽي رولو ڪتا مارڻ لاءِ پسٽل کڻي نڪري پيو، ان دوران شهر جي مختلف هنڌن تي فائر ڪري ڪيترائي ڪتا ماري ڇڏيا ، سي ايم او نادر شاهه امروٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪتا مارڻ لاءِ زهر ناهي، صادق پبلڪ ليبارٽري بهاولپور وارا ڊرافٽ وصول ٿيڻ کانسواءِ زهر ناهن ڏيندا، مجبور ٿي عدالتي حڪم تي عمل لاءِ پسٽل کڻي هو پاڻ ڪتا ماريندو ٿو وتي ،هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي بدلي بعد پوسٽ خالي پيل آهي، هڪ طرف ايف آءِ آر آرز داخل ٿين ٿيون، مجبور ٿي اهو طريقو اختيار ڪيو، هن چيو ته هن  ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي .

رپورٽ- آزاد مهر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.