ملير: آپڪا اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس، مراد علي چاچڙ جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي اڳواڻن پاران  ملير ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي آپڪا اڳواڻ مراد علي چاچڙ جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو ، آپڪا سنڌ جي چيئرمين جان محمد سولنگي، وائيس چيئرمين ولي محمد سومرو، ذوالفقار منظور سولنگي، محمد اسحاق ڪلهوڙو، قلب حسين ابڙو، ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  آپڪا سنڌ جو صدر مراد علي چاچڙ 30 جون 2020 تي قتل ٿيو هو جنهن جا جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. با اثر مک جوابدار محمد عمر ۽ سهڻو خان چاچڙ  سرِ  عام گهمي رهيا آهن. پوليس کين گرفتار ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن وڏي وزير، گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪئي ته  با اثر جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي تحفظ سان گڏ انصاف ڏنو وڃي.  ٻي صورت ۾ آپڪا سنڌ پاران سڄي ملڪ ۾ سخت احتجاج ڪري ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو.

رپورٽ- جميل چانڊيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.