آزاد ڪشمير حڪومت جو هڪ ڀيرو ٻيهر 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ شدت اچڻ کان پوءِ حڪومت ڪشمير ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.

وزير اعظم آزاد ڪشمير جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ڪشمير ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، لاڪ ڊائون جو آغاز 21 نومبر رات 12 وڳي کان 6 ڊسمبر رات 12 وڳي تائين هوندو.

ڪابينا اجلاس کان پوءِ ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت واري وزير چيو ته لاڪ ڊائون جي دوران هر قسم جي عوامي اجتماعن، جلسن ۽ جلوسن زيارت سميت ٻين تي اجتماع تي پابندي لاڳو رهندي، سمورن سرڪاري، اڌ سرڪاري، خودمختار، پرائيويٽ اداره جاتي 50 سيڪڙو عملي سان ڪم ڪنداسين، عملي جي مقرري اداري جو سربراهه ڪندو ۽ آفيس ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلي تي پابندي هوندي.

صحت واري وزير جو چوڻ هو ته هر قسم جي تعليمي ۽ تربيتي ادارا (مدرسن سميت) بند رهندا، شادي جي اجتماعن تي پابندي هوندي ۽ شادي هال وغيره مڪمل طور بند رهندا، هوٽل ۽ ريسٽورنٽن جي اندر ماني کارائڻ جي امانت نه هوندي ٽيڪ آ وي جي حد تائين اجازت هوندي، سمورا شاپنگ مال، واپاري مرڪز ۽ هر طرح جون سرگرميون بند رهنديون جڏهن ته سموريون پرائيويٽ ڪلينڪون پڻ بند رهنديون.

صحت واري وزير وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي حدن ۾ سياحن جي اچ وڃ تي پابندي هوندي، پاڪ ۽ تفريحي ماڳ بند رهندا. بابر شاپس، بيوٽي پارلز وغيره به بند رهندا. پبلڪ ٽرانسپورٽ ايس او پيز جي موجب هلندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.