کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا جو نڪتل قافلو سجاول پهتو

کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان نڪتل لانگ مارچ قافلو انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ سجاول پهتو، قافلي ۾ شريڪ شازيا چانڊيو سندس امڙ مختيار بيگم، فيصل آرائين جي امڙ بشيران آرائين، جست اڳواڻ مختيار سومرو، صحافي رزاق عاصي، نور باگڙي، وقار ڪانڌڙو، نصيب کوسو ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء سخت نعريبازي ڪندي چيو ته هو فقط هڪڙو ئي مطالبو کڻي نڪتا آهن ته بنا جواز کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ انهن جي پيارن کي آزاد ڪيو وڃي، سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي وڌيڪ چيو ته انهن کي خبر آهي ته اسان جي پيارن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان کنڀي گم ڪرايو ويو آهي، انڪري انهن جو لانگ مارچ راولپنڊي طرف وڌي پيو، هنن چيو ته انهن جو اهو ئي مطالبو آهي ته انهن جي پيارن کي آزاد ڪيو وڃي

رپورٽ- امتياز علي سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.