پکو واسي واپاري جو بااثرن پاران ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج، تحفظ جي اپيل

پکو واسي واپاري کي موتمار ڌمڪيون ملڻ لڳيون , واپاري پاران دانهون ڪندي تحفظ جي اپيل ڪئي وئي، , ان ڏس ۾ ڳوٺ ديدڙ واسي واپاري گل محمد ديدڙ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا اڳيان دانھيو ته علائقي جا ڪجھ بااثر منٿلي لاءّ فون ڪري ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ته انهن کي منٿلي پهچاءِ ٻي صورت ۾ کيس اغوا يا قتل ڪيو ويندو،  اھڙين ڌمڪين بعد هن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، هن چيو ته ڌمڪين کانپوءِ هو  پنھنجو واپار به نٿو ڪري سگهي، ھر وقت پريشاني ۾ گذري ٿو ، ڪنھن وقت به ھُو کيس نقصان رسائي سگهن ٿا، , هن چيو ته اھڙي آگاھي حد جي ٿاڻي تي پڻ ڏني آھي پر پوليس ڪنهن کي به گرفتار نه ڪري سگھي آھي،  هن ايس ايس پي قمبر ۽ اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن کي گرفتار ڪري کيس ۽ ان جي خاندان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي .

رپورٽ- عبدالوحيد ميئو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.