نوابشاهه: نيب ٽيم خوراڪ کاتي جي گودام تي ڇاپو ، ٻورين جي ڳڻپ شروع

نيب ٽيم  سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نويد شفقت جي اڳواڻ  ۾ نوابشاهه ۾ خوراڪ کاتي جي گودام تي ڇاپو ھڻي ٻورين جي ڳڻپ شروع ڪري ڇڏي آهي،  شھيد بينظيرآباد۾ ضلعي۾ ڪڻڪ جو ٽارگيٽ 12لک ھو جڏھن ته ٽارگيٽ پورو نه ٿيو،  خوراڪ کاتي صرف 9لک 80ھزار ھڪ سئو 43ٻوريو خريد ڪيون جنهن جي حوالي سان نيب ٽيم جي ڪاروائي جاري آهي ،ان موقعي تي ڊي ايف سي عبدالمجيد ڀنڀرو جو چوڻ هو ته  5لک ٻوريون ڪراچي ٻولھاڙي ايلوڪيشن ذريعي موڪليون ويون جڏهن ته بچيل ڪڻڪ ضلعي جي چڪين لاءِ رکيل آهي، واضح رهي  ته ڪجھ ڏينھن اڳ به اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو ھڻي ھڪ سال جو رڪارڊ تحويل۾ورتو ھو،  جڏھن ته عوامي شڪايتن تي نيب ٽيم ڇاپو ھڻي ڪڻڪ جي ٻورين جي ڳڻپ شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ-رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.