بدين: شادي شده ناري جي اغوا خلاف ڀيل برادري پاران احتجاجي مظاهرو

[ٿر جي ڳوٺ ڪپوريو مان سارين جي لاباري تي گولاڙچي آيل ڀيل خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن ٻڌو ڀيل آچار ڀيل, لالجي ڀيل ۽ ٻين ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ صحافين اڳيان دانھيدي چيو ته هو مسڪين پورھيت آهن، گولاڙچي لڳ چڪ نمبر 41 ۾ پنھنجي ٻارن ٻچن سان گڏ جهوپڙيون اڏي ويٺل آهن ، گذريل ڇه  ڏينهن اڳ سارين جي لاباري دوران بااثر زميندار پنھنجي ھٿياربندن ذريعي اوچتو حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڏھ مھينا پھرين سيشن ڪورٽ بدين ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ مسمات ٻائي ڀيل کي زوري کنڀي کڻي ويا ، احتجاج ڪندڙن  چيو ته مسمات ٻائي ستين مھينن جي حمل سان آهي ۽ بااثر زميندار کيس اغوا ڪري سندس مائٽن گلو ڀيل. جمع ڀيل. گلاب ڀيل. حاجو ڀيل. جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري انهن کي شڪ آهي ته ان جا مائٽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ، ھنن وزير اعلي سنڌ، آ۽ سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد. ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل شادي شده عورت  مسمات ٻائي  ڀيل. واپس ڪرائي انهن سان انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ- رازقڏنوکوسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.