قاضي احمد: ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

قاضي احمد لڳ ڳوٺ ماڻڪ کوسو ۾ ديھه ڪنرو ۾ واقعي زمين جي مالڪي تان کوسا ۽ آرائين برادري جي ٻن ڌرين پاران  گذريل ڪيترن  ڏھاڙن کان هلندڙ تڪرار واري مامري تي قاضي احمد پوليس جي وڏي اٽالي گذريل رات دير سان ڳوٺ تي چڙھائي ڪري مسمات ڪريما کوسو ,سڪينا کوسو ,پنج ورهين جي الطاف کوسو ,3 ورهين جي مھتاب کوسو ۽ معصوم سڪندر علي کوسو  کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو آهي، پوليس ۽ بااثرن جي  اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن  نظير کوسو ,الاهي بخش کوسو ,ڍوليو کوسو ,رحيم داد کوسو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو ،جنهن کانپوءِ پوليس گرفتار ڪيل عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن ڳوٺاڻن احتجاج دوران  دانهيندي چيو آھي ته انهن جي زمين تي بااثر ڌر پوليس جي مدد سان ناجائز قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، پوليس وڏي رشوت وٺي روزانو انهن جي گهرن تي چڙھايون ڪري گرفتاريون ڪري رهي آھي  عورتن ٻارن تي تشدد ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي ،  ٻئي طرف زمين تي مالڪي جي دعوا ڪندڙ زميندار جاويد آرائين جو چوڻ آھي ته مذڪوره زمين ان جي خريد ڪيل آھي هاڻ الزام هڻندڙ ڌر قبضي ڪري وتو آھي

رپورٽ- مومن جوڻو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.