نوابشاھه: رڪشا ڊرائيور ۽ مالڪن پاران ٽرئفڪ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

رڪشا ڊرائيور ۽ مالڪن پاران نوابشاھه ۾ ٽرئفڪ پوليس خلاف صفدر ڪيريو، اويس سيال، رمضان بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان رڪشا بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو بيروگاري غُربت ۽ تنگ دستي سبب رڪشو هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا پر ٽرئفڪ پوليس انهن جي لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته ٽرئفڪ پوليس اهلڪار انهن کان زبردستي ڀتو وٺن ٿا ۽ اڪثر انهن مسڪينن کي بيگر ۾ به رولائين ٿا ۽ شهر ۾ سواري کڻڻ به نٿا ڏين جنهن ڪري هو معاشي تنگي جي ور چڙهي ويا آهن ، ھنن اعليٰ انتظاميه کان گھر ڪئي ته ٽرئفڪ پوليس خلاف قدم کڻي انهن مسڪينن سان انصاف ڪري انهن کي ٽرئفڪ پوليس جي ظلمن کان بچايو وڃي.

رپورٽ-رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.