سون جي خريدارن لاءِ سٺي خبر، اگهن ۾ ٻيهر لاٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه لهڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ به سون سستو ٿي ويو آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 4 ڊالر گهٽجي 1888 ڊالر جي سطح تي پهچڻ ڪري صرافا مارڪيٽن ۾ به اڄ في تولي ۽ في 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 200 ۽ 170 رپين جي گهٽتائي ٿي.

اگهن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾في تولي سون جي قيمت گهٽجي 112350 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت گهٽجي 96322 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.